ڪامون (عربي: عنب الدب، فارسي: انگور خرس، انگريزي: Arctostaphylos uva-ursi، ھندستاني، وغيره: ڪاما، غالش ۽ انماجي) وڻ ول وانگر پکڙندڙ پاڻيءَ جي جاين تي ٿيندا آهن. هن جو ڦر ڪارا داڻا ڪانول پيرن جي داڻن جهڙا ٿيندا آهن.

طب سنواريو

هن جا پن گهوٽي لپري ڪري سخت سوڄ ۽ سور وارين جاين تي رکجن تہ سوڄ ۽ سور کي لاهي. هن جا پيرون بلغمي ۽ صفراوي دستن، کنگھ، جگر جي سور ۽ سيني جي سور لاءِ مفيد آهن. معدي مان ڪيڙن کي ماري ڪڍن ٿا، ڦڦڙن مان ايندڙ رت کي بند ڪرڻ، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڏئي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.