ڪالڪا ديوي مندر، اروڙ


اروڙ جي غار ۾ ڪالڪا ديوي: هندومت ۾ شوِ ديوتا، پنهنجي تباهه ڪندڙ روپ ۾ ڪالي ديويءَ جو مڙس آهي. هن کي ڪاليڪا، مهاڪالي، ڪالي ما، ڪالي ماتا به چيو ويندو آهي. ڪالي ديويءَ کي سنهڙي، سڪڙي ڀيانڪ شڪل ۽ چئن هٿن واري ديوي طور ڏيکاريو ويندو آهي. اڄ به اروڙ جي جبلن جي غار اندر، صديون پراڻي ڪالي مندر تي پوڄاري سيس نمائڻ ايندا آهن. -ان- ديوي جي اڪثر سنڌ ۾ وڏي مڃتا آهي. ڪيترائي لوڪ اچي هت باسون باسيندا آهن. اتي نوراتڙيءَ ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي. ديوي ماتا تي هزارين ناريلن جي ڀيٽا چڙهندي آهي. ڪالڪا ديوي جي مورتي هوبهو ڪلڪتي جي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتي جهڙي آهي.[1]

ڪالڪا مندر، اروڙ

حوالا سنواريو