ڪاليٽا اوليويا (ارجنٽينا)
ڪاليٽا اوليويا(انگريزي: Caleta Olivia ) ارجنٽينا جي اتر اوڀر واري صوبي سانتا ڪروز جو ھڪ شھر جو نالو آهي جيڪو اينٽلانٽڪ سمنڊ جي سان جارج نار تي واقع آھي. ھن شھر جي 2010 جي مردم شماري مطابق آبادي 70,304 ھئي. ھن شھر جو بنياد 20 نومبر 1901 ۾ بحريہ جي ھڪ ليفٽيننٽ ۽ گارڊيا نيشنل نالي بحري جھاز جي ڪپتان ايگزيڪئيل گٽيرو رکيو.
ڪاليٽا اوليويا | |
---|---|
شھر | |
Location of Caleta Olivia in Argentina | |
جاگرافي بيهڪ: 46°26′S 67°32′W / 46.433°S 67.533°W | |
ملڪ | ارجنٽينا |
صوبو | سانتا ڪروز |
ڊپارٽمينٽ | ڊيسيئيڊو |
بنياد | نومبر 20, 1901 |
قيام | ايگزيڪئيل گٽيرو |
حڪومت | |
• ميئر | فاڪنڊو پريڊز |
پکيڙ | |
• ڪل | 55 ڪ.م2 (21 ميل2) |
بلندي | 13 ميل (43 ft) |
آبادي (2010 مردم شماري) | |
• ڪل | 51,733 |
ھن شھر جي مکيه معاشي سرگرمين ۾ پيٽروليم، رڍن جي فارمنگ ۽ مڇي جو شڪار شامل آهن. ھتان جي بندرگاھ مڇي جي شڪار جي استعمال لاءِ مرڪز آھي ۽ مقامي تيار ٿيندڙ شين جي برآمد جو ذريعو پڻ آھي. ھتان جي يادگارن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعريف لائق ايل-گوروسيٽو نالي يادگار آهي جيڪو پيٽروليم صنعت جي ھڪ مزدور جي ياد ۾ اڏيو ويو هو.