ڪاغذ جوڙڻ جو هنر

”انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا“ (Encyclopedia Britannica) مان ڄاڻ پئي ٿي ته ڪاغذن يا پنن ٺاهڻ جو رواج، چين ولايت ۾، عيسوي سن شروع ٿيڻ کان اڳي هو. سن 751ع ۾ عربن سمرقند تي ڪاهيو، ته چين جو لشڪر سامهون ٿين. عربن ڪي چينائي قيد ڪيا، جن پنن ٺاهڻ جو هنر کين سيکاريو. عربن پوءِ اهو هنر هندستان ۽ يورپ کي سيکاريو. هندستان جي ماڻهن اهو ٿورو لاهي ڇڏيو، جو حسابي علم ۽ ٻيا ڪي علم عربن کي سيکاريائون. عربيءَ ۾ حسابي علم کي چون ئي ”علم هندسه“ چون، جيڪو انهن هندستان مان پرايو هئائون.

آڳاٽن آرين کي ويدن جا منتر ۽ ٻي پاڻي ڪنٺ هوندي هئي، ۽ ان جي پکيڙ پيڙهيءَ به پيڙهيءَ حافظي جي وسيلي ڪندا هئا. شروع ۾ عرب به ائين ڪندا هئا، لکڻ جو هنر به هون. سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي لفظ ’Write‘ جي اصل معنا هئي.”کرڙڻ يا اُڪرڻ“- اڳي پٿر، ٽامي وغيره تي اکر اُڪريندا هئا؛ اهو دستور گهڻو هوندو هو. اڳي هيئن به ڪندا هئا جو کجيءَ جا ويڪرا پن، جن مان وڃڻيون ٺهن ٿيون، تن تي لکندا هئا: جنهنڪري سنسڪرت لفظ ”پتَر“ ۽ انگريزي لفظ (leaf) جي هڪڙي معنيٰ آهي وڻ جو پن ۽ ٻي معنا آهي پرت يا ”ورق“ (ڪتاب جو)؛ ”وراق“ لفظ جون به اهي ٻه معنائون آهن.

سنسڪرت لفظ ”پتر“ جو اچار سنڌيءَ ۾ ڦري ٿيو آهي ”پرت“. هندستان ۾ گهڻا، ڀوڄ پترن يعني ڀوڄ وڻ (Birch tree) جي پنن تي لکندا هئا، ۽ اهي پن هڪٻئي جي پٺيان رکندا ويندا هئا؛ پر متان ڪنهن وقت سڄو ٿهو ڪِري پوي ۽ پن پن کان ڌار ٿي وڃي، تنهنڪري ڀوڄ وڻن جا ڇوڏا انهن پنن جي مٿان پٺو يا جلد ڪري ڪم آڻيندا هئا. انهن ڇوڏن توڙي پنن جي آر پار ٽنگ ڪري انهيءَ ٽنگ مان ڌاڳو لنگهائي، ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ته سنئون سولو ڪتاب ٿي پوندو هو. ان کي سڏيندا هئا ”گرنٿ“، جنهن جي سنسڪرت ۾ هڪڙي معنا آهي ”ڳنڍ“ ۽ ٻي معنيٰ ”ڪتاب“ (جنهن کي ڳنڍ ڏنل هجي). سنڌيءَ ۾ ”گرنٿ“ جو اچار بگڙجي ”گرٿ“ ٿيو آهي.


”ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو هڻجي سور جو“ (شاهه)

هتي گرٿ (گرنٿ – گرنٿي) معنيٰ ڳنڍ (ناڻي جي).


سنڌيءَ ۾ ”گرنٿ – گرنٿي“ جو اچار ڦري ”ڳنڍ“ به ٿيو آهي. سکن جي گُرن جي ٻاڻِي جنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن کي ادب ۽ عزت وچان ”گرنٿ صاحب“ سڏجي ٿو، نه ته اصل معنا اٿس. ”ڪتاب“، ۽ پوءِ خاص طرح معنا ٿيس ”گُرن جي ٻاڻيءَ جو ڪتاب“. ساڳيءَ طرح مسلمانن جو پاڪ ڪتاب، ”قرآن“ يا ”القرآن“ (قرء معنيٰ پڙهڻ) ۽ ”مصحف“ يا ”المصحف“ (صحف معنيٰ لکيل پرت) سڏجي ٿو، پر انهن ٻنهي لفظن جي به اصطلاحي معنيٰ آهي ”ڪتاب“ ۽ اهو ”الڪتاب“ (The Book) سڏجي ٿو: ائين لفظن کي ڪي خاص معنائون ملن ٿيون. [1]

حوالا سنواريو

[[زمرو:تاريخ]