ڪاري مٿي واري فارسي رڍ

ڪاري مٿي واري فارسي رڍ(انگريزي: Blackhead Persian sheep ) آفريڪا سان تعلق رکندڙ ٿلھي پڇ واري نسل جي ھڪ پالتو وارن واري رڍ جو نالو آهي جيڪا ان يا پشم نہ ڏيندي آهي. ان رڍ جو اصل تعلق صوماليا سان آھي ۽ اھا صومالي نسل جي رڍ مان پيدا ٿيل جنس آھي.[1] گرمي کي ان وارين رڍن کان وڌيڪ برداشت ڪندڙ ھن رڍ جي پرورش عام طور تي گوشت ۽ چرٻي حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيندي آهي. ڪاري مٿي ۽ اڇي جسم جي ڪري ان کي ڪاري مٿي واري رڍ سڏين ٿا.[2]ھن رڍ جي نر ۽ مادي ٻنھي کي سڱ ڪانہ ٿيندا آهن. ھن جا لڙڪندڙ ڪن ڊگھا ٿين ٿا. ان جي پڇ جي بنياد ۾ چرٻي ھجڻ جي ڪري ٿولھ ھوندي آھي.[3] ان جي سراسري واڌ واري نر گھٽي جو وزن اٽڪل 68 ڪلوگرام ۽ مادي رڍ جو 52 ڪلوگرام ھوندو آھي. ماديون 84 ڏينھن تائين کير ڏينديون آهن ۽ ھڪ رڍ جي کير جي سراسري پيداوار 50 ڪلو ھوندي آھي. ڄمڻ وقت نر ۽ مادي جو سراسري وزن 2.6 ڪلوگرام ھوندو آھي .[4]

ڏکڻ آفريڪا جي شھر پريٽوريا ۾ ڪاري مٿي واري فارسي رڍ

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. name="oki "Blackhead Persian". Breeds of Livestock. Oklahoma State University, Dept. of Animal Science. حاصل ڪيل 2009-05-18. 
  2. Kruger, L. "Indigenous Sheep Breeds of South Africa". Agricultural Research Council of South Africa. وقت 2011-07-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-09-14. 
  3. R. T. Wilson (1991). Small Ruminant Production and the Small Ruminant Genetic Resource in Tropical Africa. Food & Agriculture Org.. pp. 192–196. ISBN 978-92-5-102998-5. https://books.google.com/books?id=VKCtxBeL5ScC&pg=PA192. 
  4. "Blackhead Persian/South Africa". Breed data sheet. Domestic Animal Diversity Information System. حاصل ڪيل 2009-05-18.