ڪارو پاڻي (بائيولاجي)


ڪارو پاڻي يا گلوڪوما(انگريزي: Glaucoma) ھي اک جو ھڪ نقص آھي.جيڪو اک ۾ موجود پاڻياٺ جي داٻ جو غير معمولي طور تي وڌي وڃڻ آهي جنھن ڪري ڪجهه يا سموري نظر ختم ٿي ويندي آهي. اکين ۾ گھڻو سور گھٽ نظر ۽ رات جي وقت روشنيءَ ۾ مختلف رنگ ڏسڻ ھن مرض جون خاص نشانيون آھن ھن جو علاج اکين ۾ دوا جا ڦڙا وجھڻ سان بہ ممڪن آهي.

ڪارو پاڻي
ساڄي اک جي کاٻي پاسي کان ڪنڊائتي بندش ذريعي ڏيکاريل ڪارو پاڻي. وچولي سائيز جي اک جي پتلي جيڪا روشني سان ردعمل ڪري پئي ۽ اک جي سفيد حصي اسڪليرا ۾ ڳاڙھاڻ ڏيکاريل.
مھارت آفٿالمولاجي(Ophthalmology)
آثار نظر ختم ٿيڻ، اک جو سور، وچولي ڦھليل پتلي، اک ۾ ڳاڙھاڻ ۽ دل ڪچي ٿيڻ
معمول واري اٿل آھستي يا اچانڪ ٿيو
خطري جي گنجائش اک ۾ اندروني دٻاء ۾ واڌ، موروثي، بلڊ پريشر ۾ واڌ
تشخيصي طريقو اک جي پتلي وڏي ڪري معائنو ڪرڻ
تفاوتي تشخيص Uveitis, trauma, keratitis, conjunctivitis[1]
علاج دوا ذريعي، ليزر ذريعي، سرجري ذريعي
ورجاء 6–67 million

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Ferri, Fred F. (2010). Ferri's differential diagnosis : a practical guide to the differential diagnosis of symptoms, signs, and clinical disorders (2nd ed.). Philadelphia, PA: Elsevier/Mosby. p. Chapter G. ISBN 978-0323076999.