ڪارو تتر :(انگريزي: Black Francolin ) ھي خوبصورت تتر بنيادي طرح ڪارو آھي پر ان تي اڇا ۽ اخروٽي ھيڊا چِٽ ٿين ٿا. ڳچيءَ ۾ تيز اکروٽي ناسي پٽو ھوندو اٿس. پاسڙن تي کنڀن کي ھيڊيون ڌاريون، چھنب ۽ ٽنگون ڳاڙھيون ۽ سِسي مڪمل ڪاري ٿئيس ٿي. ڪاري سِسيءَ تي اک ھيٺان ۽ ڪنن مٿان پاپڙيءَ تي سفيد کنڀ اٿس. مادي به لڳ ڀڳ ساڳي ھوندي آھي پر سِسي ڪاري ڪونه ٿيندي اٿس ۽ نه وري اڇي پاپڙي اٿس. ڪنڌ تي ناسيپٽو اڌورو ھوندو آھيس. ماديءَ جي ڳچي اڇي ٿئي ٿي. ڪارڙي تتر جي ماديءَ کي ’ڪَٻي‘ يا ’ڪٻوهڙي ‘ سڏيندا آهن.

ڪارو تتر
ڪارڙو تتر
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): فرينڪولنيوس
جنس: Template:Taxonomy/فرينڪولنيوس{. فرينڪولنيوس
حياتياتي نالو
فرينڪولنيوس فرينڪولنيوس
ڪارل لينيوئس

ڪاري تتر جي ٻولي ”ڪَر... ڪَر... ڪِي ... ڪَي ... ڪِي“ ٿئي ٿي جنھن کي سنڌي ماڻھو ”خضر پير ... خضر پير ..“ ســان تشبــيھه ڏيــندا آھــن. اڪثر اڪيلو، جوڙيءَ ۾ يا ننڍڙي گروھه ۾ رھندو آھي. گھاٽن ٻُوڙن ۾ آرام ڪندو آھي. ڊپ جي صورت ۾ ڊوڙي ڀڄي ويندو آھي يا تيزيءَ سان ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويندو آھي. صبح جو سوير يا شام جو سرگرم نظر ايندو آھي. لَڳ جي مند ۾ ڏينھن جو ڪنھن به وقت ڪنھن وڻ يا ٿُـڙتان ٻوليندو آھي. پوکن ۾، ٻِج دار کيتن ۾، وڏي گاھه ، واھن ، ندين جي وھڪرن، ميدان، ۽ ٽڪرين ۾ ملندو آھي. 1200 ميٽرن جي اوچائيءَ تائين رھي ٿو.

گيلري سنواريو

حوالا سنواريو

  1. بقرة