ڪارونجهر جا تاريخي ماڳ

ليکڪ مشڪور ڦلڪاري، پنهنجي ڪتاب ”ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس“ ۾ ڪارونجهر جبل واري علائقي جي 108 تيرٿ ۽ تاريخي ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي، جن مان ڪجهه جا نالا هي آهن.

  • ساڙڌرو
  • گئومکي
  • انچليسر (هي تيرٿ مٿانهين جاءِ تي آهي، مٿي چڙهڻ لاءِ 99 ڏاڪڻيون ٺهيل آهن)
  • جهرڻو
  • ٻاين جو ٻيسڻو ( هي هڪ ڳجهي غار آهي، جتي سوڍن، انگريزن سان جنگ دوران پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کي لڪائي رکيو هو)
  • ويلڙيو جو چشمون
  • تيرٿيو
  • انڌي جي ويري
  • انڌاريو اجواڙيو
  • کوڙي جهارو
  • ٻاڙ ڌڙو
  • کاروڙو
  • ماڏيوڙي
  • گنگا ٻاڻ
  • انڌاريو
  • سيل ماتا
  • چئو ويڙي ويري
  • تڪيو
  • چندن گڍ (سوڍن جي هن قلعي کي انگريزي فوجن توبن سان ڊاهي ڇڏيو هو).
  • يم ڪن
  • کارا جهارا چشمون

جيڪڏهن جديد بنيادن تي هنن جاين تي تفريحي سهوليتون ڏنيون وڃن ته، سياحت ذريعي پڻ هن علائقي ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي. وسڪاري کان پوءِ هتي ڪيترن ئي قسمن جون قيمتي جڙي ٻوٽيون پڻ پيدا ٿين ٿيون. تازو کوجنا کان پوءِ اهو ظاهر ٿيو آهي ته، سڄو ڪارونجهر جبل هڪ اعليٰ ۽ اتم قسم جي سنگ مرمر (گرينائيٽ ) جو ٺهيل آهي. ڪجهه سالن کان هتي چيني مِٽي جا ذخيرا به لڌا ويا آهن. ڪارونجهر جي ڏکڻ ۾ رڻ ڪڇ آهي. انهي پاسي لوڻ جا سن (ڍنڍون) به آهن . زرخيزي ۽ ساوڪ جي لحاظ کان مشهور وادي ڪاسبو به هن علائقي ۾ آهي. انهي کان سواءِ هن علائقي ۾ ڪارونجهر جي سلسلي جون ڪجهه ڌار ننڍيون ۽ وڏيون ٽڪريون ۽ ٽڪر مختلف ڳوٺن جي ڀر ۾ پڻ موجود آهن. انهن مان ڪجهه ٽڪرين جا نالا هي آهن.

  • 1. کارسر واري ٽڪري
  • 2. ساڪرويري واري ٽڪري
  • 3. چڻيندا واري ٽڪري
  • 4. چوڙيو واري ٽڪري
  • 5. ڏينسي واري ٽڪري
  • 6. ووڙائو واري ٽڪري
  • 7. ڄام خان واري ٽڪري
  • 8. واڌڙائي واري ٽڪري
  • 9.ڏونگري واري ٽڪري
  • 10. راڻپور وارو ٽڪر (هن ٽڪر وٽ پاڻي جو ڊئم به آهي)
  • 11. ڪاڙڪي واري ٽڪري
  • 12. ڍيڍ ويرو واري ٽڪري
  • 13. پاڙو ڌري واري ٽڪري
  • 14. ڪرهه ٽڪري
  • 15. سانڪڙ ٽڪري
  • 16.رتي ترائي واري ٽڪري
  • 17. سيهڙيون واري ٽڪري
  • 18. ڪاري ڏونگري
  • 19. ساڏورس واري ٽڪري
  • 20. ٻهراڻو ٽڪري
  • 21. راڙڪوئو ٽڪري
  • 22. آسالڙي ٽڪري
  • 23. ڌڱاڻو ٽڪري
  • 24. سوٽهڙن جي وانڍئي واري ٽڪري
  • 25. کارڙيون ٽڪري
  • 26.جنجهو ٽڪري
  • 27. ٻوڙن وارو ٽڪر
  • 28. ڪيريو ناڪو وارو ٽڪر
  • 29. ڏاتي جي ٽڪري
  • 30. ڌناگام واري ٽڪري
  • 31. خاناڻي واري ٽڪري 32.
  • رامجي جي وانڍيئي واري ٽڪري
  • 33. وستي جي وانڍيئي واري ٽڪري
  • 34. ڪپورڙي واري ٽڪري
  • 35. مڪي واري ٽڪري
  • 36. ندي جي وانڍيئي واري ٽڪري
  • 37.موڪڙيئي واري ٽڪري
  • 38. راوتو جي وانڍيئي واري ٽڪري
  • 39. آڏاڻي جو وانڍيو واري ٽڪري
  • 40. ڪوڙاسري واري ٽڪري
  • 41. اوڪاڻي واري ٽڪري
  • 42. کاروڙو واري ٽڪري
  • 43. ڀڪي واري ٽڪري
  • 44. ڏونگري مهراج واري ٽڪري
  • 45. رامسر واري ٽڪري

[1] حوالا [2]

حوالا سنواريو

  1. ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-20 
  2. ڪتاب: ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، ليکڪ: مشڪور ڦلڪارو