ڪارل مئگني
ڪارل مئگني (742ع کان 814ع) وچئين جُڳ جو ناميارو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن کي لکڻ پڙهڻ بلڪل نه ايندو هو. هن علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي, پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. تنهن زماني ۾ روم جي بادشاهت جو مرڪز استنبول هو ۽ ان جي حالت به ڪا گهڻي مختلف نه هئي. يونان ۾ تن ڏينهن ۾ تعليم رڳو ارسطو ۽ ٻين جي قديم ڪتابن تائين محدود هئي. ان دوران ڪا هاڪاري تبديلي آئي ته اها به ليون VI جي ڏينهن ۾ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن رياضيءَ جي تعليم تي ڪي قدر ڌيان ڏنو. ساڳئي زماني ۾ هارون الرشيد (763 کان 809) جنهن نه رڳو علم جي ذخيرن کي محفوظ بڻايو پر ان کي ترقي به ڏياري. هُن ڪارل مئگني (Charlemagne) کي هڪ گهڙيال جو تحفو موڪليو هو ۽ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اهو گهڙيال يونانين لاءِ اچرج جهڙي شيءِ هئي. هي اهو زمانو هجو جڏهن اسلامي سلطنت ۾ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ سائنس، فلڪيات، رياضي ۽ جاگرافيءَ جي ميدان ۾ اڳڀرائي ٿي هئي.
خليفي مامون الرشيد (786ع کان 833ع) جي ڏينهن ۾ بغداد ۾ “بيت الحڪمت” جي نالي سان هڪ وڏي لائبريري ۽ فلڪيات جي مشاهدي لاءِ هڪ وڏي رسدگاهه قائم هئي، جنهن ۾ طاقتور دوربينون لڳل هيون. ڌرتي ۽ سج جي جهڪاءُ بابت تمام اهم ڳالهيون سامهون اچي رهيون هيون. زمين جي 23 ڊگري جهڪاءُ جي تصديق به انهن ڏينهن ۾ ڪئي وئي. بغداد ۾ سيارن جي گردش جا تفصيل ظاهر ڪندڙ چارٽ ٺاهيا ويا ۽ دنيا جو نقشو تيار ڪيو ويو. رياضي دانن حساب لڳائي زمين جي ڊگهائي ڦاڪ جي ڊيگهه جو اندازو 123300 ميٽر ڪڍيو. اهو هاڻوڪي ڊيٽا کان رڳو 2360 ميٽر گهٽ آهي يعني غلطيءَ جو مارجن صرف 2 سيڪڙو آهي. بهرحال اهي شروعاتي انگ اکر ئي هئا جن زمين جي ڪل ڊيگهه ۽ ويڪر معلوم ڪرڻ ۾ سائنسدانن کي ابتدائي انگ اکر مهيا ڪيا ۽ رهنمائي ڪئي. [1] [2]
- ↑ تخليق خالق کانسواءِ؟ (عمر عطيلا ايرگي / مظفر بخاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-18
- ↑ ڪتاب: تخليق خالق کانسواءِ، ليکڪ: عمر عطيلا ايرگي