کڳي
کڳي: لڳي ھڻڻ:
واديءَ سنڌ جي قديم ترين ناچن سان کڳي هڪ آهي. جنهن ڪنهن غريب کي هڪ مدت کان پوءِ ضرورتن جو سامان ميسر ٿيندو هو ته هن تي هڪ وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ هو خوشيءَ ۾ نچڻ لڳندو هو، انهي انداز کي لئي ۾ هيئن آندو ويو: جو تال جي لاءِ ڪي لفظ گهڙيا ويا، پوءِ کڳي هڻن وارو انهن لفظن جي لئي تي کڳي هڻندو هو. مثال ۾ کڳيءَ جي لئي قائم رکڻ جا ٻول آهن: هه-اخ- دل- اخ هاڻي کڳي هڻن وارو اهي لفظ به چوندو ويندو ۽ ٻانهون ڪَڇن سان به وڄائيندو ويندو. هاڻي کڳي فقط پنڻن وٽ وڃي رهي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page17.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}