کٽي: ھيءَ ڪا قوم ناھي. کٽڪي ڌنڌي ڪرڻ ڪري کٽي سڏبا آھن. ھندو به آھن ۽ مسلمان به آھن. ھندو کٽي اڪثر لوھاڻا آھن ۽ ٻين ذاتين جا به آھن. مسلمانن ۾ کٽي ڪپڙن ڌوئڻ واري کي به چون يعني ڌوٻيءَ کي، پر حقيقت ڪري کٽي ڪپڙا رڱيندا آھن. نير جو رنگ فقط مسلمان ڪم آڻيندا آھن، نه ھندو. انھن کي نيروٽي چوندا آھن. مسلمان کٽي اڪثر پاڻ کي سومرا سڏائيندا آھن. پَٽَ جي رڱڻ وارن کي پاٽولي سڏيندا آھن ۽ اھي ھندو به آھن.[1]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو