کنڀي برسات جي ڏينھن ۾کنڀيون اڪثر ڪري ٿر ۾ ڦٽنديون آھن. ھي قدرتي طور ڦٽنديون آھن جنھن کي ماڻھو رڌي کائيندا آھن. ٿر جا ماڻھو ڏورانھن علائقن ۾ رھندڙ مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن کي تحفي طور بہ اماڻيندا آھن. ٿرين جو چوڻ آھي تہ ھن کي ڪاريگر بورچياڻي رڌي تہ ھن جو ٻوڙ گوشت مڇيءَ کان بہ بھتر ذائقي وارو ۽ لذيذ ٿئي ٿو. کُنڀيون هي اگرچ نڪي ڀاڄين جي قطار ۾ اچن ٿيون، نڪي ميون ئي جي ۾، ته به جڏهن انگريزي ڪتابن ۾ انهن جو ذڪر ڀاڄيءَ جي باغ ۾ آندل آهي، تڏهن اسين به انهيءَ جو نالو هتي وجهون ٿا. هن عجيب اوڀڙ جا گهڻا ئي قسم آهن، جن مان ڪي ته نڪما ۽ زهردار سمجهيل آهن ۽ ڪم نه ايندا آهن. ڪي رڌي يا تري ڀاڄين وانگي کائيندا آهن. کنڀيون اڪثر برسات جي موسم ۾ ۽ برسات جي پاڻيءَ تي نڪرنديون آهن، خاص وارياسي جاءِ تي يا پاڻيءَ جي ڪناري سان. اتان ماڻهو چونڊي آڻي وڪڻندا آهن. هي رنگ جون اڇيون ٿين ٿيون. رڳو منجهن ڳُر يا ماس آهي، پن يا گل يا ڦر ڪو نه ٿين. پڪي کان پوءِ ڪارو اٽو ٿيو وڃن. کنڀيون اڪثر ڊگهيون، اڌ فوٽ جيڏيون ٿينديون آهن. هڪڙو قسم، جنهن کي ڀُون _ ڦوڙ چوندا آهن، سو گول ٿيندو آهي. ولايت ۾ کنڀيون ٻين اوڀڙن وانگي هٿ سان پوکي پيدا ڪندا آهن. ڪلراٺي زمين يا پراڻين سرن جي چُوري ، يا اهڙي ٻئي ڪچري واري هنڌ چڱيون ٿينديون آهن. پهرين ڀڳلين سرن جو تهه ٽي انچ ٿلهو وڇائي ويندا آهن. تنهن جي مٿان اهڙو تهه گهوڙي جي لِڏ جو وڇائيندا آهن. تنهن جي مٿان وري اهڙا ٽي تهه هٿرادو ٺهيل ڀاڻ جا وجهندا آهن. پوءِ انهيءَ کي وقت بوقت پيا پاڻي ڏيندا آهن. ٻن ٽن مهينن ۾ بيشمار کنڀيون پاڻهي نڪرنديون آهن. کائڻ واريون کنڀيون اڪثر اڇيون ۽ سوٽ يا سٻند ٿينديون آهن، جنهن کنڀيءَ ۾ چڱي بوءِ نه هجي سا نه کائجي. کنڀين پوکڻ کان بهتر ائين آهي، ته جنهن ٽڪريءَ تي پاڻهئي نڪرن انهيءَ جي سنڀال رکجي، ۽ انهيءَ تي ججهي لڏ يا ڇيڻو وجهي پاڻي ڏئي ڇڏجي. جڏهن نڪرن تڏهن پاڙون نه پٽجين، پاڙن کان مٿڀرو ڪپي وٺجن، جو انهن پاڙن مان وري ٻين کنڀين نڪرڻ جو گهڻو امڪان آهي. کنڀيءَ کي انگريزيءَ ۾ مَشُروم يا فَنگس چون ٿا.[1]

Khumbhi (local name for mushroom in Tharparkar)
Mushroom from Achhro Thar Desert, Sindh
Mushroom of Achhro Thar Desert, Sindh
  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو