کيس
کيس:
هونءَ ته کيس سنڌ کان سواءِ، ٻين هنڌن به اُڄندا آهن، پر سنڌي کيسن جو چلتو ئي نرالو. پٽ يا سٽ جا کيس سامهون ڪري رکبا ته ڄڻ ڪمانگري چٽ پيا لڳندا. اها آهي سنڌي ڪورين جي ڪاريگري، جي اهڙا اهڙا ڪاريگريءَ وارا هٿ ۽ اوڄا رکندا آهن، جو ڏٺي عبرت وٺيو وڃي. پر هن زماني ۾ انهن جو ڪو قدر ڪونهي. اڳيان ماڻهو کيسن، اجرڪن ۽ لونگين جا شوقين هوندا هئا سٽ يا پٽ جي کيس تي اهڙي سنهڙي اُڻت جو ڪم ڪندا هئا، جو اڄڪلهه جي مشينن کي به شهه ڏيو وڃن. پر اهڙن ڪاريگر ڪورين جو مان هينئر مشين لاهي وڌو آهي. ڪاريگر کيس کي به ٻن پُڙن ۾ ٺاهين، جنهن کي ”ڏهر“ چوندا آهن پوءِ زالون ٻنهي پڙهن کي ملائڻ لاءِ وچ ۾ پٽ يا سٽ جو ” ڪنڊڙو“ يا کير هڻي ڇڏينديون آهن. ڀلان ڀلي جو ڇيهه ڪونهي، باقي کيس نصرپور کان پوءِ وڃي ٿيا خير. نصرپوري کيس ڪٿان لڀن. ڇا سندن بيهڪ ڇا سندن اوڄو چئجي ته ميناڪاري لڳي پئي آهي مينا ڪاري![1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}