کير اُٻارڻ

اهو عمل جنهن ۾ کاڌي کي هلڪي گرمائش تي تيار ڪيو ويندو آهي، ته جيئن ان منجهان پيٿوگينس pathogens ختم ڪري سگهجن ۽ ڪٻٽ جو جياپو وَڌائي سگهجي.

جيوڙي صفائي- کير اُٻارڻ (انگريزي ٻولي: pasteurization پاسچرائزيشن) اهو عمل جنهن ۾ کاڌي کي هلڪي گرمائش تي تيار ڪيو ويندو آهي، ته جيئن ان منجهان پيٿوگينس pathogens ختم ڪري سگهجن ۽ ڪٻٽ جو جياپو وَڌائي سگهجي. کير اُٻارڻ يا پاسچرائزيشن جي ڪري کير ۾ موجود 99 سيڪڙو کان وڌيڪ جيوڙا مري وڃن ٿا ۽ کير ۾ اهڙو ڪجهه به نٿو بچي، جيڪو کير کي ڦٽائي يا خراب ڪري سگهي. کير اُٻارڻ جي طريقي ۾ سڀ کان پهريان کير کي جيوڙن کان محفوظ ڪرڻ جي طريقي يعني پاسچرائزيشن مان گذاري ٿڌو ڪيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ کير کي هڪ دفعو وري تيز باهه تي گرم ڪري وري ان کي اوتري تيزي سان ئي ٿڌو ڪيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ کير کي هوا بند ڊٻي يا ڪنهن ٿانو ۾ بند ڪري رکيو وڃي وڃي ٿو. کير اُٻارڻ (پاسچرائزيشن) ذريعي کير کي 63 ڏينهن تائين محفوظ رکي سگهجي ٿو. نه رڳو اهو بلڪي 9 هفتن تائين ان جي رنگ، ذائقي، خوشبو ۽ تازگيءَ ۾ به ڪو فرق نٿو اچي. [1]

حوالا سنواريو