کيرڻي سان ڀل نہ کائو.


کيرڻي': (انگريزي: Manilkara ) هڪڙو وڏو وڻ آهي، جو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو. اونهاري ۾ ڦرڪندو آهي. ميوو ننڍيءَ ڊاک جيڏو ۽ جهڙو ٿو ٿئيس. چمڪندڙ ۽ پيلي رنگ جو آهي ۽ تمام مٺو ٿو ٿئي. منجهس کير جهڙي رس ٿي ٿئي، جنهن ڪري هندستاني ماڻهو هن کي کيرڻي سڏيندا آهن. وڻن جي پنن جو جهڳٽو تمام سهڻو ٿو ٿئي. هي ٻج مان پيدا ٿيندا آهن.[2] هن وڻ جو هڪڙو ولايتي قسم آهي، جنهن مان هن تي پيوند ڪندا آهن. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ سپوتا يا نيز بيري سڏيندا آهن. ان جو ڦر ننڍي نارنگيءَ جيڏو ٿو ٿئي. اندر ڪارا، باداميءَ جي رنگ جا، ٻج ٿا ٿينس ۽ ڀُوري رنگ جي رس واري ڳر ٿي ٿئيس. کائڻ ۾ تمام چڱو ۽ ٿڌو ٿو ٿئي. اهو وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا ڦر ٿو ڪري: هڪڙو ڀيرو آگسٽ ۾، ٻيو فيبروريءَ ۽ مارچ ۾، ڪي ننڍي قسم جا به ٿيندا آهن، يعني جهڙا آنا. هي ميوو ڪلڪتي جي آسپاس عام آهي.[2]

کيرڻي
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): مانيلڪارا
جنس: Template:Taxonomy/مانيلڪارا{. ھيڪسانڊرا
حياتياتي نالو
مانيلڪارا ھيڪسانڊرا
(وليم راڪسبرگ) مارسيل ميري مائورس ڊيوبارڊ[1]

حوالا سنواريو

  1. Ann. Mus. Colon. Marseille ser. 3, 3:9, fig. 2. 1915 سانچو:GRIN
  2. 2.0 2.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو