کيرٿر نيشنل پارڪ

ڪیرتھر پارڪ جو ھک منظر کيرٿر نیشنل پارڪ 3,087 چورس ڪلوميٽر (1,192 چورس ميل) ۾ پکڙيل پاڪستان جو هڪ قومی پارڪ آھی جیڪا صوبي سنڌ جي ضلعي ڄامشورو ۾ کيرٿر جبل واري سلسلي ۾ واقع آهي. هي پارڪ، حيدرآباد کان، 130 ڪلوميٽر ۽ ٿاڻو بولا خان کان 80 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وقع آهي. ٿاڻو احمد خان کان پوءِ کيرٿر ڏانهن اچڻ لاِ رستو پهاڙي، پيچري نما، ۽ کڙٻڙ آهي ۽ اڪثر هندن تي ان رستي جي ڀرسان وڏيون وڏيون کايون به موجود آهن. اهو سال 1974ع ۾ قائم ڪيو ويو. پارڪ قدرت جو هڪڙو حيرت جهڙو جهان آهي جنهن ۾ دنيا جي ناياب نسل جا سرهہ(ibex)، گڊ (urial)، چيتا، پٽي ٿيل هائينا، هندستاني بگھڙ، هني بيجر، چنڪارا ۽ هرن آل جال پهاڙن جي کليل فضائن ۾ پوري آزاديءَ سان رهن ٿا. بليڪ بڪ کي ٻيهر متعارف ڪرائڻ واري منصوبي لاءِ محفوظ جاء ۾ رکيو ويو آهي.[1]

کيرٿر نئشنل پارڪ جو ڪجهه حصو ضلعي ڄامشورو ۽ ڪجهه حصو ڪراچي ضلعي ۾ آهي ۽ هن عجيب و غريب پارڪ کي 1972ع ۾ ملڪ جي اُن وقت جي وزيراعظم ذولفقار علي ڀٽو صاحب جي دور ۾ اقوام متحده جي بين الاقوامي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ اُن لسٽ ۾ هاڻي هن پارڪ سميت دنيا جا صرف چار اهڙا وڏا قدرتي پارڪ رجسٽرڊ آهن. کيرٿر نئشنل پارڪ، سنڌ سرڪار جي فاريسٽ ۽ وائلڊ لائف کاتي جي موجوده سُڄاڻ ۽ سرگرم سيڪريٽري محترم سائين شمس الحق ميمڻ صاحب جي ڪڙي نظر واري مسلسل چوڪسيءَ ۽ اعليٰ انتظامن باعث، سياحن لاءِ هاڻي صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڏسڻ جهڙي جاءِ بنجي چڪو آهي ۽ سندن ايامڪاريءَ واري هن عرصي دوران هي پارڪ نه فقط رهزن ۽ چور شڪارين کان گهڻيءَ حد تائين محفوظ آهي، پر سندن پاران سخت تحفظ سبب چئن پنجن سالن جي مقابلي ۾ ناياب نسل جا اُهي جانور، جيڪي محض ڪجهه سَون جي تعداد ۾ وڃي بچيا هئا، هاڻي انهن جو انگ اٺن هزارن جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، جن ۾ سرهه(Ibex) پنج هزار ۽ گڊ (Urial) ۽ هرڻ ٽي ٽي هزار ریکارڈ ڪيا ويا آهن. اندازو آهي ته انهن جانورن کي پهاڙن ۾ آزاديءَ سان گهمندي فرندي ڏسڻ لاءِ سال دوران هڪ سو پنجاهه سياح ايندا رهيا آهن. سرهه (Sindh Ibex) شڪل شبيهه ۽ هڏ ڪاٺ ۾ پهاڙي ٻڪر يا هرڻ وانگر ٿيندو آهي. اُن جو رنگ پهاڙن جي رنگ سان مشابهه يعني، برائون، ٿئي ۽ جسم چلڪڻو ۽ پري کان ريشم جي ٿانو وانگر ڏيکائي ڏيندو آهي. سڱ سرهه جا ڪارا، پٺتي ۽ گولائيءَ مائل ۽ اوچا ٿيندا آهن، ۽ ان جي منڍيءَ جو مائونڊ ٺهرائي شڪار جا شوقين ماڻهو، پنهنجن اوطاقن جي ديوارين تي ٽرافي طور سجائيندي، فخر محسوس ڪندا آهن. وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ کان اڳواٽ پرمٽ کان سواءِ، ڪنهن جانور جو شڪار ته ڇا، کيرٿر جي رينج مان ڪنهن سُڪل وڻ وڍڻ جي به اجازت ڪانهي. شڪار لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو سيزن مقرر آهي. ان کان سواءِ شوقيه شڪاري هتي شڪار نٿا ڪري سگهن. سرھہ سڀاو جي لحاظ کان پهاڙ جي مڇيءَ وانگر آھن. کيرٿر جي هن آب هوا کان ٻاهر، زندگي، هو گذاري ئي ڪونه سگهندو آهي، هنن پهاڙن مان ڪڍي اُن کي مصنوعي ماحول ۾ پالڻ جي ڪيئي دفعا ڪوشش به ڪئي وئي آهي، پر بچي نٿو، مريو وڃي! مطلب ته پالتو نا آهي. نهايت ڊڄڻو جانور آهي ۽ گوليءَ جي ٺڪاءُ ته پري جي ڳالهه ٿي، انسان جي پيرن جي ڇاپ يا بوءِ باس تي ئي ڀؤ ۾ لڪي، ڇَپ هڻي، ڪٿي گھفائن ۾ وڃي ويهي رهندو آهي، ۽ ڏينهن جا ڏينهن، اُتان نڪرندو ئي ڪونهي۔ کيرٿر جيسياحت لاءِ موسم اڌ آڪٽوبر کان ويندي نومبر کان مارچ جي وچ تائين نهايت موزون هوندي آهي، جو مئي مهيني کان پوءِ پهاڙ تپڻ شروع ٿيندو آهي، پر هنن اڻلڀ جانورن کي ڏسڻ لاءِ ،شوقين سياح، اهڙن گرم ڏينهن ۾ به ايندا آهن، جو گرميءَ سبب جانور پاڻيءَ جي تلاش ۾، هيڏانهن هوڏانهن سرگردان هوندا آهن ۽ سولائيءَ سان نظر اچي ويندا آهن. کيرٿر جي حدن اندر مختلف ذاتين وارا ويهه هزار کن ماڻهو آباد آهن، جن مان لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو همراهه وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ ۾ جانور ۽ پکين کي شڪارين کان بچائڻ لاءِ چوڪسيءَ ۽ نگهداشت واري ڪم لاءِ مقرر ٿيل آهن. ڪوهستان جي هن رينج ۾ پاڻي زمين مان 35 کن فوٽن تان مليو ٿو وڃي (۽ ڪٿان مٺو ٿو نڪري ته ڪٿان ٻاڙو). جانورن ۽ پکين کي پائيپ لائين جي ذريعي. هنن جي مخصوص ٿا ڪن تائين پاڻي پهچائڻ جو انتظام، وائيلڊ لائيف کاتي پاران ڪيل آهي (۽ سچ پچ ته ڏاڍو سُٺو ڪيل آهي!) کيرٿر ۾ شڪار جا قاعدا قانون هن طرح آهن ته مادي ڪنهن به جانور جي ناهي مارڻي ننڍا جانور به مارڻ جي اجازت ڪانهي. شڪار صرف چاليهن انچن کان وڏن سڱن واري جانور جو مقرر آهي ۽ ان کان گهٽ جو قطعي نه! پيٽرولنگ، کيرٿر نئشنل پارڪ جي چوويهه ئي ڪلاڪ ٿئي ٿي. ۽ ان لاءِ ٽي گاڏيون ڏينهن، رات چوڪسيءَ ۾ چوطرف ڦرنديون رهن ٿيون، ۽ ڪو به چور شڪاري اُنهن جي تيز نظر کان بچي نٿو سگهي.[2]

تصويرون سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Michael J. B. Green: IUCN directory of South Asian protected areas. Iucn-World Conservation Union (December 1990). ISBN 2-8317-0030-2
  2. نصير مرزا-- کيرٿر-ياترا-- (A Visit to Khirthar National Park)رسالو:مهراڻ 1999 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ