”کونگهرا          Snoring“

”اصغر ساگر“

کونگهرا ھڻڻ اھڙي بيماري آھي جنھن ڏي عام طور تي ڪنھن جو ڌيان نٿو وڃي پر سمهڻ واري سان گڏ ماڻھو وڏي ڪوفت کڻي ٿو. ھي بيماري گهر وارن جي ننڊ کي متاثر ڪري ٿي ۽ کونگهرن ھڻڻ واري شخص جي ڀرسان سمھڻ ڏکيو ھوندو آھي. کونگهرا ھڻڻ کي بيماري تسليم ڪيو ويو آھي پر ھن بيماري ڏي ڪڏھن بہ سنجيدگي سان ڌيان نہ ڏنو ويو آھي.

کونگهرا ھڻڻ ھڪ خطرناڪ عادت آھي جنھن سان ساھ ۾ خلل پوي ٿو ۽ ھن سان دل جي بيمارين جا عارضا وڌن ٿا. کونگهرن جي شدت دماغ تي اثر مرتب ڪري ٿي جنھن سان اڳتي ھلي فالڄ ۔ دل جي دوري ۔ ذھني ڇڪتاڻ ۽ ٻين مرضن جا خطرا وڌي سگهن ٿا.

کونگهرن جا سبب :-

نڪ بند ٿيڻ.

نڪ جي ھڏي وڌڻ.

نڪ ۾ ڇوت.

نڪ ۾ سوڄ.

ٿولھ.

پت جو وڌڻ.

ايلرڄي.

نڪ ۾ گوشت وڌڻ.

زڪام.

تماڪ نوشي.

ساھ جا مسئلا.

کونگهرن کان بچڻ لاء اپاء :-

رات جو گهٽ کائجي :-

سمھڻ کان پھرين گهڻي کائڻ کان پرھيز ڪجي ڇوجو جيڪڏھن معدو کاڌي سان ڏٽيل ھوندو تہ ساھ جي رڌم تي منفي اثر پوندا ۽ کونگهرن وڌڻ جو خطرو وڌي ويندو ڇوجو جسم کي گهڻي کاڌي ھضم ڪرڻ لاء وڌيڪ ھوا جي ضرورت پوي ٿي نتيجن کونگهرا شروع ٿي ويندا آھن ان ڪري کونگهرن واري کي رات جو گهٽ کاڌو کائڻ کپي جيئن ساھ جو عمل صحيح رھي.

وٽامن سي جو استعمال :-

کونگهرن جي ڪري ناسن جي ھوا تي اثر پوي ٿو. وٽامن سي ساھ جي نظام جي لاء بھترين جز آھي. وٽامن سي نڪ کي صاف رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. وٽامن سي ۾ ليمو ۔ مالٽو ۔ پپيتو ۔ اسٽرابيري ۽ ٻيون شيون اچي وڃن ٿيون.

رات جو کاڌي کان پوء چھل پھل ڪرڻ :-

رات جو کاڌي کائڻ کان پوء ضرور چھل پھل ڪجي ائين سمهڻ وقت کونگهرن ۾ گهٽتائي ٿيندي.

سمهندي دوران پاسو مٽائجي :-

جيڪڏھن سمهڻ دوران کونگهرا اچن تہ پاسو ورائجي ائين ڪرڻ سان کونگهرن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي.

سمهڻ وقت وھاڻو ٿلهو رکڻ :-

سمهڻ وقت وھاڻو ٿلهو رکجي جيئن سمهڻ وقت مٿو پورو مٿي رھي، ائين ڪرڻ سان زبان ڳلي کي بلاڪ ڪري نہ سگهندي ساھ واري نلي کليل رھندي ۽ کوگهرن کي موقعو نہ ملندو.

سمهڻ وقت نڪ صاف ڪرڻ :-

سمهڻ کان پھرين نڪ کي صاف ڪجي. نڪ جا ڦوڳر ساھ جي گذرگاھ ۾ رنڊڪ اچي وڃي ٿي جنھن جي ڪري وات مان ساھ کڻڻو پوي ٿو جيڪو کونگهرن جو سبب بنجي ٿو.

ٻاڦ وٺڻ :-

جيڪڏھن ڳلي ۾ خشڪي محسوس ٿئي تہ پاڻي کي ڪاڙھي ان جي ٻاڦ وٺجي ۽ ساھ جي رڳن ۾ تراھٽ اچي ويندي ۽ ساھ کڻڻ آسان ٿي پوندو ھي طريقو ان وقت بہ ڪارگر آھي جڏھن نزلو ۔ زڪام يا ايلرڄي ھجي.

بستر جون سڀ شيون مٽائيندو رھڻ :-

جيڪڏھن ڏينھن جو ساھ ٺيڪ رھي ۽ رات جو کونگهرا اچن تہ پڪ ڄاڻجي ايلرڄي جو مسئلو آھي. ان ڪري بستري جي چادر ۔ وھاڻي يا ڇھ ۽ رلين کي جلدي مٽڻ جي عادت وجهجي ائين ڪرڻ سان کونگهرن جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.

ٿولھ گهٽائڻ :-

ھڪ تحقيق مطابق ٿلها ماڻھو کونگهرن جو شڪار رھن ٿا جيڪڏھن اھي پنھنجي 10 سيڪڙو ٿولھ گهٽ ڪن تہ وات ۽ نڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

تماڪ نوشي کان پرھيز :-

سگريٽ نوشي جي ڪري ڳلي جون جهليون سڄي وڃن ٿيون. ھڪ تحقيق مطابق تماڪ نوشي ڪندڙ 24 سيڪڙو ماڻھو کونگهرا ھڻڻ جا عادي ٿين ٿا. تماڪ نوشي ڇڏڻ سان کونگهرن کان نجات ملي سگهي ٿي.

علاج :-

دن ۾ تيل ھڻڻ :-

قديم دور کان سچو گھ بيمارين ۾ استعمال ٿيندو رھيو آھي. دن ۾ روز تيل ھڻڻ کونگهرن کان نجات ڏياري سگهي ٿو ۽ ان کان سوا ھڪ يا ٻہ ڦڙو نڪ ۾ وجهجي.

زيتون جو تيل :-

زيتون جي تيل کي کونگهرن کي ختم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. روز زيتون جي تيل کي تارون مٿان ھڻجي ائين کونگهرن وارو مرض دور ٿيندو ويندو.

ڦودني جي چانھن :-

ڦودني جي چانھن ڦڦڙن جي چپچپاھٽ ختم ڪري ٿي ۽ ان جو مينٿول ساھ جي سوزش کي ختم ڪري ٿو.

ليمو :-

ليمو واحد ميوو آھي جيڪو حرارن کي ڳاري ٿو ۽ وٽامن سي ھئڻ ڪري بي پي ھٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ليمو ٿولھ کي گهٽائي ٿو ۔ کونگهرن کان بچائي ٿو ۽ جسم مان نمڪيات کي خارج ڪري بي پي کان محفوظ رکي ٿو.

ليمو روز پاڻي گلاس ۾ نپوڙي پيئجي. بھتر فائدو پوندو.

تلسي يا نازبو جا پن :-

ماهرن مطابق تلسي يا نازبو جا پن رت کي ڇٽو ڪرڻ ۽ بلغم کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، اهي رت جي داٻ کي وڌڻ کان بہ روڪيندا آهن ۽ جيڪڏهن ان کي کاڌي ۾ استعمال ڪيو وڃي تہ اهي تمام گهڻا فائديمند آهن.

تلسي يا نازبو جا 8 پن روز کاڌا وڃن تہ رات جو کونگهرن جو دٻاء گهٽبو ويندو ۽ طبيعت تي خوشگوار اثر پوندو.

https://mydiaryasgharsagar.blogspot.com/2018/12/snoring.html