کدڙا

ڏکڻ ايشيائي ثقافتن جي ٽين جنس

کدڙا: ھي فقير سڏبا آھن ۽ ھنن جو فرقو جدا آھي. مڙس آھن، جي مرداني طاقت نه رکڻ ڪري کدڙا سڏبا آھن ۽ زنانو ويس ڪري ڏاڙھي مڇون ڪوڙائي ڳائيندا وڄائيندا آھن ۽ اڪثر تاڙيون وڄائيندا آھن ۽ خيرات وٺندا آھن. گھڻا پاڻ ۾ گڏ رھندا آھن. منجھن ھڪڙو وڏو رھندو آھي ۽ ٻيا انھيءَ جي حڪم ۾ رھندا آھن. جتي ڪو کدڙو يا بي طاقت جو ڇوڪر يا مڙس ٻڌندا آھن، اتي ويندا آھن ۽ وڃي ڪوشش ڪري انھيءَ کي ھٿ ڪري پاڻ سان گڏيندا آھن. جتي رھندا آھن، انھيءَ ھنڌ کي مڙھي سڏيندا آھن. ھندو کدڙابڪراسر ديوي يا ديول ديويءَ جي پوڄا ڪندا آھن ۽ انھيءَ جي مورت رکي انھيءَ تي سيرو يا حلوو قربانيءَ جي بدران نذرانو ڏيندا آھن. ميرن جي ڏينھن ۾ حيدرآباد منجھ ڪي مشھور کدڙا ٿي گذريا، جي تمام دولتمند ھئا. انھن جا نالا فضل ۽ گل جان ھئا. ناظر به کدڙن وانگي آھن، جي اڪثر شيدي يا حبشي ھوندا ھئا ۽ جن جا خُصيا يا آنورا وڍائي ڪٽ ڪري، پوءِ انھن کي ٻانھا ڪري وڪڻندا ھئا ۽ اُھي حرمسرائن ۾ ايندا ويندا ھئا. مير صاحبن وٽ گھڻا حبشي ناظر ھئا.[1]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو