ڦُلو ميگهواڙ

ڦُلو ميگھواڙ (Phuloo Meghwaarr) جو جنم تاريخي شهر اَمرڪوٽ ۾ 3 نومبر 1982ع تي، غريب موچي خاڪو ميگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والدين سماجي متڀيد جي شڪار کان پاڻ بچائيندي ڪيترن ئي هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندي آخر اچي امرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ غلام نبي شاھ جا پٽ وسايا.

سوانحسنواريو

ڦُلو ميگھواڙ، شروعاتي تعيلم سندس ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. يارهين جي داخلا ڊگري ڪاليج امرڪوٽ ۾ ورتائين جتي پڙهائي نه هئڻ ڪارڻ ٻارهين درجي ۾ قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد ٽرانسفر ٿي پڙهائي جاري رکي. ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ سڄو ڏينهن شمس العلماءَ عمر بن محمد دائودپوٽه لائبريريءَ ۾ سڄو ڏينهن پڙهائي ڪرڻ سان گڏوگڏ شام جي وقت ٽيوشنون پڙهائي، پنهنجي پڙهائي توڙي گُذر سفر جو وسيلو ڳولي ورتائين. پوءِ روزگار جي ڳولا ۾ ڪُجهه وقت ڪراچيءَ جي گارمينٽ فيڪٽرين ۾ پاڻ روليندو ۽ ڳوليندو رهيو پر پڙهائي طرف دلي لڳاءُ ۽ چاهه کيس يونيورسٽي طرف مائل ڪندو رهيو ۽ ائين پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پڙهڻ سان گڏ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پروف ريڊنگ ڪندو رهيو. اُهو ئي سبب آهي جو هوءَ نه صرف پنهنجو سمورو فوڪس منزل تي رکي اڳتي وڌندو رهيو، پر پنهنجي گهر، ڳوٺ توڙي ڪميونٽي کي پڙهائڻ جو عزم کڻي اڳتي وڌندو رهيو. شروعات پنهنجي ئي گهر کان ڪيائين پنهنجن ننڍڙن ڀائرن کي ڪراچي وٺي آيو جن کي ڪراچيءَ ۾ تعليم ڏيارائين، جنهن جو خرچ به پنهنجي ڪُلهن تي کنيائين، نه رڳو ڀائرن کي پر ڀيڻ کي پڙهائڻ سان گڏوگڏ، پاڻ پڻ پڙهندو رهيو. سندس محنت، جذبي، علم سان چاهه ۽ مستقل مزاجيءَ جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو. يونيورسٽيءَ جي پهرين سال کان ئي ٿر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعي جي مختلف ڳوٺن مان 20 کان مٿي غريب شاگردن کي گھرائي بنا معاوضي جي تعليم ڏيارڻ جو بندوبست ڪيائين.

ڍاٽڪي ٻولي، ڍاٽڪي لوڪ ادب سماجي، ثقافتي ۽ لسانياتي اڀياسسنواريو

سنڌي شعبي مان گريجوئيشن توڻي ماسٽرس ۾ گولڊ ميڊل جهڙي مڃتا به پنهنجي نانءُ ڪري ورتائين. اڄ ڪلھ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو قابل پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي نگرانيءَ هيٺ، ”ڍاٽڪي ٻولي، ڍاٽڪي لوڪ ادب سماجي، ثقافتي ۽ لسانياتي اڀياس“ جي عنوان تي ڊاڪٽوريٽ جي تحقيق ڪري رهيو آهي. قابليت ۽ ذهانيت جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿيندڙ ”ڪلاچي تحقيقي جنرل“ ۾ پاڻ شاگردي واري زماني کان لطيفيات ۽ ٻوليءَ جي موضوعن تي تحقيقي مقالا لکڻ سميت سنڌ جي مُختلف شهرن ۾ ٿيندڙ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي ٿيندڙ قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ نه صرف مقالا پيش ڪرڻ پر وقت جي وڏن عالمن، ادب ۽ ٻوليءَ جي ماهرن ۽ لطيف جي پارکوئن اڳيان لطيفيات، ادب، لوڪ ادب، ٻولي ۽ خاص طور تي ڍاٽڪي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت پنهنجي الڳ راءِ رکڻ جي سگهه ساري سگهندو هو. هيل تائين ويهن کان مٿي سندس تحقيقي مقالا مُختلف تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿي چُڪا آهن.

نوجوانن کي همٿائڻ، سچل هاسٽل ۽ شاھ، لطيف ۽ سامي هاسٽلسنواريو

ڦلو ميگهواڙ سنڌي نوجوانن کي ڪراچيءَ جي ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هٿائيندو رهيو اهي. انهيءَ سوچ کي حقيقت جو روپ ڏيارڻ لاءِ تعليم ۽ تحقيق جي شعور جي جاگرتا لاءِ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ويهن کان مٿي ليڪچر پروگرام ۽ ٻه صوبائي سطح تي تعليمي ڪانفرنسون منعقد ڪرائي چُڪو آهي. تعليمي حاصلات جي سلسلي ۾ کيس، سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان لاڳاپو رکندڙ شاگردن جي ڪراچيءَ ۾ رهائش نه هُجڻ هِڪ وڏي ڏکيائي لڳي، جنهن ڪري پاڻ پنهنجي هڙان سچل ڳوٺ ۾ يونيورسٽيءَ جي سطح جي شاگردن لاءِ ’سچل هاسٽل‘ ۽ پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ’شاھ لطيف ۽ سامي‘ هاسٽل جو بُنياد رکيائين. جن کي پاڻ پنهنجي نگرانيءَ هيٺ هلائي رهيو آهي. انهي عظيم ڪارج ۾ پوءِ سنڌ جو درد رکندڙ ڪُجھ دوستن جهڙوڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر سونو مل کنگھاراڻي، ڊاڪٽر شيرين ناريجو، ڊاڪٽر امجد سراج، پروفيسر ڪنهيا لال ناگپال، ڊاڪٽر نندلال، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، محترم مُشتاق راڄپر، ۽ مُحترم حريف خان چانڊيي سهڪار ۽ رهنمائي ڪئي، ۽ ڪندا اچن.[1]

حوالاسنواريو

  1. حوالو: ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، اربع 2 مارچ 2016ع