ڦوڪڻو ھڪ نرم ٿيلھي جو نالو آهي جنھن کي. گيس جھڙوڪ : ھيلئيم، ھائڊروجن، نائٽرو آڪسائيڊ، آڪسيجن، عام ھوا يا پاڻي وجھي ڦوڪبو آھي. موجوده دؤر وارا ڦوڪڻا رٻڙ، ٻوٽن جي کير (انگريزي: Latex), مصنوعي رٻڙ يا نيئپرين(انگريزي: neoprene) يا پولي ڪلوروپرين، نائلون فيبرڪ مان ٺاھيا ويندا آهن. اھي رنگ برنگي ھوندا آھن. پراڻي دؤر ۾ جانورن جي مثاني کي سڪائي ڦوڪڻي طور استعمال ڪيو ويندو هو جنھن ۾ سوئر جو مثانو گھڻو استعمال ٿيندو ھو. ڦوڪڻن جو عام استعمال سينگارڻ لاء يا تفريح طور ٿيندو آهي پر ڪجهه اھڙا ڦوڪڻا ھوندا آھن جن جو استعمال ٻين مقصدن لاءِ ٿيندو آهي جھڙوڪ موسمي ڦوڪڻو موسم لاء، اينجيو پلاسٽي جو ڦوڪڻو دل جي نس يا شريان جي رڪاوٽ کولڻ لاء، بيراژ ڦوڪڻو(انگريزي: Barrage Balloon) حفاظتي فوجي مقصدن لاء، ھوابازي وارو ڦوڪڻو آمدورفت لاء استعمال ٿيندو آهي.

سالگره، خاص موڪلن يا دعوتن جي سينگار لاء استعمال ٿيندڙ ڦوڪڻا
ھوابازي وارو ڦوڪڻو

رٻڙ وارو ڦوڪڻو سنواريو

ھي ڦوڪڻو 1824 ۾ ميخائيل فيراڊي مختلف گيسن جا تجربا ڪندي ايجاد ڪيو ھو.[1]

ھنن ڦوڪڻن جو استعمال سينگار يا وندر خاطر ٿيندو آھي. اڪثر ننڍڙا ٻار انھن سان دل وندرائيندا آهن.

 
رٻڙ جي ڦوڪڻن کي ڦوڪڻ وقت مھارت سان وڪڙ ڏئي مختلف نمونا ٺاھيا ويندا آھن جن مان اڪثر اھي ٻارن جي رانديڪن وارو ڪم ڏيندا آهن.
 
برازيل جي شھر سائو پائولو ۾ ھڪ پريڊ لاء ڪيل ٺاھ ٺوھ طور لڳايل ڦوڪڻن مان ٺھيل انڊلٺ

پارٽي وارا ڦوڪڻا سنواريو

اھي ڦوڪڻا رٻڙ جي وڻن مان ملندڙ کير (انگريزي: latex) مان ٺھندا آھن. انھن ۾ ھوا يا گئسون يا پاڻ وجھي ڦوڪي وڏو ڪبو آهي.

 
پينسل وارن ڦوڪڻن مان ٺھيل ھڪ نمونو :وڪڙن جي طريقن سان ڦوڪڻن مان مختلف نمونا ٺاهيا ويندا آهن جيڪي پارٽي جي قسم سان ٺھڪندڙ ھوندا آھن .

وڪڙن لاء موزون ڦوڪڻن ۾ اڪثر پينسل وارا ڦوڪڻا ھوندو آھن جيڪي ڦوڪڻ وقت پينسل جي نموني وانگر ڦنڊي ويندا آهن. پارٽي وارا ڦوڪڻا وات سان ھوا وجھي ڦوڪبا آھن. ان کان سواءِ انھن کي ڦوڪڻ لاء مصنوعي انفليٽر يا ھٿن سان ھلائڻ وارو پمپ يا برقي انفليٽر پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏھن انھن ۾ ھيلئيم جھڙيون گئسون ڦوڪبيون آھن تہ اھي مٿي اٿڻ يا اڏرڻ شروع ڪندا آهن.

 
وڻن جي کير واري رٻڙ مان ٺھيل ڦوڪڻا

حوالا سنواريو