هي سانگ يا ناٽڪ جو ئي هڪ قسم آهي. هن قسم جا سانگ راجستان ۾ ڏاڍا مشهور هئا. ڦلان دي راڻي جو مطلب آهي، جنهن جو وزن هڪ گل جي برابر هجي . گجرات ۾ سانگ ڦل پنچا، اهڙي شهزادي، جنهن جو وزن پنجن گلن جي برابر هجي رچايا ويندا هئا. ڦلان دي راڻي سانگ يا ناٽڪ اصل ۾ نوٽنڪي سانگ جو ئي ٻيو نالو آهي. اصل ۾ نو ٽنڪي شهزادي جي قصي تي ٻڌل هڪ سانگ يا ناٽڪ هو. 1883ع ۾ آر سي ٽيمپل پنهنجي مشهور ڪتاب دي ليجندس آف پنجاب The legends of Punjab ۾ ٽن سانگن جو تت ڏنو آهي. جنهن ۾ شهزادي نو ٽنڪي ءَ جو به ذڪر آهي. آر سي ٽيمپل جي چوڻ مطابق نوٽنڪي ۽ ان جهڙا ٻيا ناٽڪ يا سانگ سو سال اڳ جا رچيل هئا. جيڪي هوليءَ جي ڏڻن تي امبالا ۾ پيش ٿيندا هئا. نو مان مراد نوَ ۽ ٽنڪي مان مراد چانديءَ جو سڪو آهي، جنهن جو وزن چار رتيون هجي. مطلب ته اهڙي کڙيل گل جهڙي نازڪ نفيس شهزادي، جنهن جو ڪل وزن 36 رتيون هو. نوٽنڪي شهزادي جي سانگ يا ناٽڪ پهريان پنجاب ۾ مشهوري ماڻي هئي، اتان پوءِ اهو سانگ اتر پرديش ۾ پهتو هو. اتر پرديش ۾ نوٽنڪي ايتري ته مشهوري ماڻي جو لفظ سانگ بدرآن نوٽنڪي استعمال ٿيڻ لڳو. نوٽنڪي جي مشهور ليجنڊ اداڪاره ”گلاب ٻائي“ تي ته باقاعده ڪتاب لکيو ويو ۽ ٻيون به ڪيتريون مشهور اداڪارائون ٿي گذريون آهن، جن ۾ ملڪه بيگم ۽ هيرا ٻائي پڻ تمام گهڻي مشهوري ماڻي هئي. اڳتي هلي مووي ڪيمرا ايجاد ٿيڻ کان پوءِ نوٽنڪي، ڊائيلاگ، راڳ، رقص ۽ اداڪاري جي ميلاپ ذريعي فلمن جو روپ اختيار ڪري ورتو. تنهنڪري ڪنهن حد تائين اهو چئي سگهجي ٿو ته فلم اصل ۾ نوٽنڪيءَ جي ئي ارتقا ڪيل شڪل آهي.

حولو ڏسندا سنواريو

[1]

حوالا سنواريو

  1. ماهتاب (منظور ڪوهيار) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-11