ڏڦــير: دراوڙي نک جي هڪ ذات، جيڪي ڏڦي سان شڪار ڪندا هئا. پراڻي دؤر ۾ ماڻهن جو گذرسفر شڪار تي هوندو هو. زرعي سماج ۾ به هي ذات زراعت سان گڏ شڪار سان وابسته رهي. ڪچي ۾ سوئر جو شڪار ڏُڦي سان ڪندڙن کي ڏُڦير چوندا آهن. جڏهن ته منڇر ۾ ڏُڦي سان مڇي ماريندڙ هاڻي رهيا ڪونه آهن، پر جڏهن هئا ته اهي شيخ سڏبا هئا. ڏڦير هندن توڙي مسلمان ۾ ٿين. ٿر ۾ مينگهواڙن جو هڪ پاڙو به ’ڏڦير‘ آهي. ماڇين مان جيڪي ڏُڦي سان سوئر کي مارين، تن کي به ڏُڦير چوندا آهن.

[1]