ڏٺ پروليءَ ۾ ڪا شيءِ ڏسي يا ٻڌي هڪدم پرولي ٺاهي ڏيڻ کي چئبو آهي. ڏٺ پروليءَ ۾ ڪنھن وٿ يا واقعي جي تصوير چٽيل هوندي آهي ۽ ھر پرولي اڪثر بيت جي صورت ۾ ھوندي آھي. مثال طور: نر1، نار2 ھٿ ۾، نار2، ھٿ ۾ نار2، اڃا کڻي نھار، تہ نار3، نارن4 وچ ۾ (1) نر = آئينو (2) نار = عورت (3) نار = ڦڻي (4) نارن = وارن مطلب تہ: آئينو عورت هٿ ۾، عورت هٿ ۾ ڦڻي اڃا نھار کڻي تہ ڦڻي وارن ۾![1]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.