ڏيڍ سٽا فارسيءَ جي مستزاد ۽ پنجابي گيت ’ماهيا‘ جي طرز تي چيا ويا آهن. هيءَ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف آهي. جيڪا آسانيءَ سان ڳائي سگهجي ٿي. هي ڏيڍ سٽا عروضي وزنن توڙي ڇند تي لکيا وڃن ٿا. شيخ اياز جا ڏيڍ سٽا ڪجهہ ’مفعول مفاعيلن‘، ڪجهہ فاعلن مفاعيلن ۽ ڪجهہ مفعول فاعلاتن جي وزنن تي لکيل آهن. جڏهن تہ ٿورا ماترائن جي حساب سان بہ لکيل آهن. ڏيڍ سٽي ۾ پھرين اڌ سٽ ٿئي ٿي، جنھن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو ۽ ٻي مڪمل سٽ هوندي آهي، جنھن جي آخر ۾ قافيو اچي ٿو، جڏهن تہ ڪجهہ ڏيڍ سٽن جي پھرئين اڌ سٽ ۾ توڙي ٻي سڄيءَ سٽ ۾ قافين سان گڏ رديف پڻ استعمال ٿئي ٿو.[1]

ڄڻ ڪـُتِ ستائي ٿي اي موت ائين مون کي، هيءَ رُتِ ستائي ٿي! — شيخ اياز (هي رديف واري ٽہ سٽي جو مثال آهي)

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.