ڏنڊو، سنڌ ۾ يڪتارو هڪ فقرائي ساز ڪري ليکيو ويندو آهي، فقير هڪ هٿ سان يڪتارو وڄائيندا آهن. ۽ ٻئي هٿ سان ڏنڊو. ڏنڊو هيئن ٺاهيندا آهن، ڇا ڪندا جو هڪ سڌي گول ڪاٺي اٽڪل ٻه فوٽ کن ڊگهي، ان جي هڪ مٿي ۾ پاسي کان ٽنگ ڪڍندا، پوءِ انهيءَ سوراخ ۾ مضبوط ڌاڳو وجهي، ان ۾ مٿان چمڙي جي گول ڪنگريدار چپڙي رکندا، ان جي مٿان پنج وڏيٽڙا گهنگهرو ٻڌندا، بس پوءِ انهي کي يڪتاري جي تار تي ڇمڪو ڏياريندا ايندا.

ڏنڊي جو موجد سائين اعظم شاھ مرحوم، سنڌ ملوڪ ڪافين چوڻ وارو هو. راقم الحروف کيس ننڍي هوندي جهانيان جي ميلي تي ڳائيندي، ڏنڊي کي وڄائيندي ڏٺو هو. فقرائي لڏو يڪتاري سان ڏنڊو ضرور رکي،۽ سچ ته ڪافين ۾ ڏنڊو لئي به ڪري ٿو. ڪي يڪتارڙيا ڏنڊي جي بدران کڙتالون وڄائيندا آهن، پر ڏنڊي جا گهگهرو کڙتالين کان مڙئي چهرا وڄن، انهيءَ ڪري ڏنڊي وڄائڻ سان ڪافي وڌيڪ لئي ڪندي آهي..[1]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html.  Missing or empty |title= (مدد)}