ڏندن جو سوڻ
ڏندن جو سوڻ:
سوڻ ته زالون هر ڪم ۾ ٺاهيو ويٺيون هونديون آهن، ٻيون ڳالهيون ته ٺهيو پر رڳو شل نه ٻار کي پهرين هيٺين ڏندن اچڻ جي بدران مٿيان اچن- زالون چونديون ته خيرين سالحين ناناڻن کي ڪو چڱو آهي ڇا؟ سوڻ ضرور ٿيندو، جي ٿورو ضد ڪبو ته ڳالهائڻ جون گهٽيون بند پهرين مٿيان ڏند اچڻ ته ناناڻن کي چڱو ناهي ان ڪري سوڻ به ڪو ناناڻن مان ڪري. گهڻو ڪري اهو سوڻ مامو ڪندو آهي. جي مامو نه هجي ته ٻار جي ماءُ جنهن کي ڀاءُ ڪري سڏيو هجي يا سندس سوٽ ماسات اهو سوڻ ڪري. اهو سوڻ هيئن ڪندا آهن جو مامو ٻار کي کڻي انهي هنڌ ايندو آهي جتي ٽن ٻُنين جا ٻنا ملندا هوندا آهن. اتي مامو هڪ ڪکن جي جهوپڙي ٺاهي، ان ۾ ٻار کي ويهاري سندس اڳيان جست جي وٽيءَ ۾ ٺهيل ڪُٽي رکندو آهي. پوءِ ڇا ڪندو جو جهوپڙيءَ کي هڪ پاسي کان باهه ڏيندو ۽ جهٽ ڏئي ٻار کڻي وٺي ڀڄندو. پاڻ ڀڄندو به ويندو ۽ چوندو به ويندو ته ” هيٺين هوندي مٿيان آيا هيٺين هوندي مٿيان آيا“- ٻار کي کڻڻ مهل اها ڪٽي ۽ وٽي انهي ڀُنگي ۾ ئي ڇڏي ايندا آهن.
زالون گهڻو ڪري ٻارن تي اولڙو يا تڙڪو ٿيڻ ڪونه ڏينديون آهن. جي کڻي ٿي به پئي بجو ڏئي ڇڏينديون آهن. جي ڪنهن ٻار کي دَست يا اُلٽيون ٿي به پيون ته چونديون ته امان صدقي سَٽ آئي اٿس يا چونديون ته دَئي جو حساب ٿيو اٿس.
جي واقعي ڪٿي ٻار ڪريو هوندو ته ان جاءِ تي پاڻي هاري ڇڏينديون جي ٻار بيمار ٿي پيو ته چونديون اِهو ڌِڪ کاڌو اٿس ٻار کي سٽ پئجي وئي آهي. کڻي ڦوڪارو ڏياريوس ته ساڳيوئي چڱو ڀلو ٿي پئي. پوءِ ڇا ڪنديون جو ڦوٽن جي ڪَڻ سنهي ڪري چپٽي ڀري ٻار جي زبان تي رکي آنڱر ٻار جي تارونءَ تي رکي آنچر جي زور تي ٿورو ٻار کي کڻي وات وات ۾ وٺي ڦوڪ ڏينديون ته ڦوٽا وڃي ڪاڪڙي کي لڳندا. ٻار اُٺ جي ليڏوڻي ۽ اسپنگر جي چپڙي چاڙهجي ڇڏينديون جي ٻار جي ڌڪ کائڻ مهل، هڪيون بيٺل هونديون ته جهَٽ ڏئي وات ۾ آنڱر وجهي تارون تي رکي ٻار کي مٿي کڻي ڪاڪڙي ۾ ڦوڪ ڏئي ڇڏينديون.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}