ڏاکڻي آفريقي ترقياتي سهڪاري ڪائونسل

ڏاکڻي آفريقي ترقياتي سهڪاري ڪائونسل يا سدرن ايفريڪن ڊولپمينٽ ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس (Southern African Development Coordination Conference SADCC) جو بنياد زمبيا جي شهر’لوساڪا‘ ۾ 01 اپريل 1980ع ۾ پيو. ان تنظيم جو بنيادي مقصد علائقائي اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ ڏکڻ آفريقا تي دارومدار گهٽائڻ هيو، انگولا، بوٽسوانا، لپسوٿو، ملاوي، موزمبيق، سوازي لينڊ، تنزانيه ۽ زيمبيا ان جا ميمبر هئا. 1992ع ۾ ان تنظيم جي جڳهه تي ڏاکڻي آفريقي ترقياتي برادري يعني (Southern African Development Community، SADC) ٺاهي وئي. هن تنظيم جا 15 علائقائي ميمبر آهن ۽ سندس مرڪز ’بوٽسوانا‘ جي گاديءَ جي هنڌ ”گئبورون“ ۾ آهي. [1]

حوالا سنواريو