ڏؤنرا: ٻهراڙيءَ وارن لاءِ ڪرڙ تي ڪَڙي هوندي به سڄو ٻوڙ ٿيو پيو آهي. ڪرڙ جي ڪچڙي ٻونگر، ڏؤنرن ۽ پسيءَ مان ٻور رڌين،. وري پڪن جي مٺاڻ مان تاهري ٺاهين. ڏؤنرن کي هيئن ٻوڙ ڪندا آهن، جو ڪرڙ جا ڪچڙا ڪچڙا ڏؤنرا پٽي انهن کي ديڳڙي ۾ وجهي رکندا ٽهڪڻ لاءِ. ائين ٻه ٽي دفعا ٽهڪائيندا ته ڪڙاڻ مرين. انهي ٽئي پاڻي ۾ قدر آهر لوڻ به وجهندا آهن. پوءِ ستن پاڻين مان به اُڇلائيندا آهن. ائين ڪڙاڻ مارڻ کان پوءِ ديڳڙي ۾ ٿوم گيهه وجهي، داغ پچائيندا پوءِ انهيءَ داغ ۾ مرچ، ڌاڻا، ڪئٽيل ڏاڙهيون، قدر آهر وجهي ان ۾ وجهندا ڏؤنرا. ڏؤنرا اڳ ۾ ئي ڳريا پيا هوندا، پوءِ ٿورو وقت باهه تي رکندا آهن، بس ٻوڙ تيار . ڀائنجي ته پلي ۽ گوشت کي ڇڏي ڏؤنرن جو ٻوڙ کائجي، هي ٻوڙ به ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي. ڪي زالون وري ڏؤنرن جو سانڌاڻون ٺاهين. سنهڙن ڪَڇڙن ڏؤنرن کي ٽن پا‎ڻين ۾ زورائتو ٽچڪائينديون آهن. پوءِ ڪنهن کٽي ڪُني ۾ اهي ٽچڪايل ڏؤنرا، قدر آهر مرچ هرٻو، تيل وجهي منهن ٻڌي کڻي رکنديون اُس ۾، بس ٽن ڏينهن کان پوءِ سانڌاڻون تيار، آئيءَ ويل ماني رُکي راڙي هوندي ته سانڌاڻي سان کائينديون.[1]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}