ارڙهين يا اُڻويهين صدي عيسويءَ ۾ ، آمريڪي گاديءَ جي شهر واشنگٽن ڊي سي جي هڪ علائقي جو نالو ڌُنڌلو هيٺالو فاگي باٽم (Foggy Bottom) رکيو ويو. اِهو علائقو واشنگٽن شهر جي مشهور ’پوٽومڪ‘ نديءَ جي ڀرسان آهي، جتي ڪوهيڙو (Fog) تمام گهڻو ٿيندوآهي. واشنگٽن ڊي سي ۽ آمريڪا جي جڳ مشهور تعليمي اداري جارج واشنگٽن يونيورسٽيءَ سميت، آمريڪا جا تمام اهم ۽ وڏا ادارا، انهيءَ علائقي جي ڀرپاسي موجود آهن، سو ان حصي جي سياسي اهميت کي ڏسندي، آمريڪي ميڊيا جا ماڻهو مُلڪ جي پرڏيهي وزارت يعني اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ان علائقي ۾ موجودگيءَ کي نظر ۾ رکندي، ان کي Foggy Bottom جي خطاب سان به سڏيندا آهن. انهيءَ جو ٻيو سبب اهو به آهي ته آمريڪي پرڏيهي معاملن بابت فيصلا Foggy Bottom جي علائقي يا ان جي ڀرپاسي آفيسن منجھ ڪيل گڏجاڻين ۾ ٿيڻ ڪري ميڊيائي حلقن کي اتان کان گرما گرم ۽ اهم خبرون ملنديون رهنديون آهن. ڌُنڌ ۽ اوجهڙ هُئڻ، باوجود علائقي جي سياسي اهميت ۽ ٿيندڙ فيصلن جي پيچيدگيءَ کي، انهيءَ اصطلاح ذريعي تخليقي ۽ تجريدي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. [1]

حوالا سنواريو