ميڊيڪلي ڌيءَ يا پُٽُ مرد جي جزن ۾ هوندو آهي، عورتن جي جزن ۾ نہ. مرد جا جزا x ۽ y هوندا آهن, جڏهن تہ عورت جا جزا xx هوندا آهن. جيڪڏهن مرد جو ايڪس جزو عورت جي ايڪس جزي سان ملي زرخيز ٿيندو تہ ڌيءَ ڄمندي ۽ جيڪڏهن مرد جو واءِ جزو عورت جي ايڪس جزي سان ملي زرخيز ٿيندو تہ پٽ ڄمندو. اهو سڄو معاملو هونئن تہ قدرتي آهي، جنهن ۾ مرد يا عورت جو ڪو ڪردار نہ هوندو آهي. [1]آرين جي قديم دؤر ۾ نياڻيءَ کي قرب وچان ”پُتري“ (پُٽري) چئبو آهي، نه ته عام طرح ”پُٽ“ جو مونث آهي ”ڌيءَ“ (پراڪرت ڌيئا“)، جو اصل ۾ اهي سنسڪرت لفظ ”دُهتا“ ”دهتر“ (پارسي ”دختر“، ۽ انگريزي ”ڊاٽر“ (Daughter). انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دُهه“ (Duh) معنيٰ ڏهڻ، اڳي نياڻين تي ٻڪرين، گاين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم رکيل هو، تنهنڪري مٿن اِهو نالو پيو. مطلب ته ”پٽ“ لفظ ۾ هڪڙو خيال ۽ ”ڌيءَ“ لفظ ۾ ٻيو خيال سمايل آهي، تنهنڪري ايهي ٻه علحده لفظ مليا اٿئون.[2]آڳاٽا لوڪ ائين وسنهندا هئا ته جيڪو ماڻهو بنا اولاد مري ٿو ۽ پنڊ ڀرائڻ ۽ پترن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪوبه پٽ ڪونهيس، سو ”پؤ“ نالي نرڪ (دوزخ) ۾ پوي ٿو. انهي ئي سبب ڪري فرزند کي سڏيائون. ”پؤتر“ يعني ”پؤ“ نرڪ کان تارڻ وارو. ماڻهن پٽ گهريائي انهيءَ ڪري ٿي ته جيئري ته ٻانهن ٻيلي ٿين پر مئي کان پوءِ به مائٽن جي ڪريا ڪرم ۽ سراڌ ڪري انهن جو نيتارو ڪن. جنهن کي پنهنجو آنڊي ڄائو پٽ ڪونه هوندو هو، سو لاچار ٻئي جو پٽ (خاص ڪري ڏهٽو) گود وٺندو هو. ”گود ۾ وٺڻ“ معنيٰ ڌرم جو پٽ پٽ ڪرڻ. اهو اصطلاح خود ڄاڻائي ٿو ته پرائو ٻار اڃا ٻاروتن ۾ ئي هوندو هو ۽ گويا هنج ۾ وهارڻ جيڏو هوندو هو، تڏهن کيس پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ۽ نه وڏي هوندي. ائين پرائو پٽ پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ته به دل کي اهڙي فرحت نه ايندي هين، جهڙي پنهنجي ڄڻيل پٽ مان اچي ٿي. وقت تي اهي ڌرم جا پٽ موٽي پنهنجن اصلوڪن مائٽن وٽ ويندا هئا. (منڊل ستون، 4، 7-8).[3]

حوالا سنواريو

  1. Sex linkage - Wikipedia
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page19.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page19.html.  Missing or empty |title= (مدد)}