پورو نالو ڌرم سِنگھ ديول (پيدائش 08 ڊسمبر 1935ع)، ڌرميندر جي نالي سان ڄاتو ويندڙ ھندوستاني اداڪار، پيشڪار ۽ سياستدان. کيس ھندي فلمن ۾ ڪيل سندس ڪم جي ڪري گھڻو سُڃاتو وڃي ٿو. ھي ھندوستاني سئنيما جو "مَھا سِتارو" آھي. ھن کي ھندوستاني سئنيما جي ھي مين (انگريزي: He- Man) طور پڻ ڄاتو ويندو آھي[1][2][3][4]. کيس دُنيا جي اُنھن ڪُجھ اداڪارن ۾ ڳڻيو ويندو آھي جن مُک ڪردار طور 100 کان مٿي ڪامياب فلمون ڏنيون. 1997ع ۾، ھندي سئنيما ۾ ڪيل سندس ڪم کي مڃيندي کيس فلم فيئر لائف ٽائم اچيوَمينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. ھي ڀارتيہ جنتا پارٽي (بي جي پي) پاران راجسٿان رياست جي بيڪانير تَڪ جي نُمائندگي ڪندي انڊيا جي پندرھين لوڪ سڀا جو رُڪن رھيو. 2012ع ۾، ھندوستان جي حُڪومت پاران کيس مُلڪ جي ٽئين وڏي شھري اعزاز پدما ڀوشن سان نوازيو ويو.[5]

شروعاتي زندگي سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "10 unknown and interesting facts about Bollywood’s He-Man, Dharmendra :::Bombay Times - Times of India::". The Times of India. حاصل ڪيل 2021-12-06. 
  2. Desk, India TV News. "Dharmendra turns 80! 10 stories you probably never knew about the 'He-Man'". www.indiatvnews.com. حاصل ڪيل 2021-12-06. 
  3. "Happy Birthday Dharmendra – Bollywood’s first ‘He-man’". Free Press Journal. حاصل ڪيل 2021-12-06. 
  4. "Dharmendra - An actor & a gentleman". filmfare.com. حاصل ڪيل 2021-12-06. 
  5. "Press Information Bureau English Releases". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-06.