اسان جي ڌرتي گول آهي ۽ ڏينهن رات جي تبديليءَ جو ڪارڻ ڌرتيءَ جو اهو ڦيرو ئي آهي. ڌرتي نه رڳو سج جي چوڌاري چڪر هڻي ٿي، پر سج سان گڏ ڊوڙندي به رهي ٿي. ڇا اسين اهو ڄاڻو ٿا ته ڌرتي جڏهن ڦري ٿي ته اسين ان کي محسوس ڇو نٿا ڪيون ته اها ڦري رهي آهي يا تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي رهي آهي. ڌرتي ڪو پتڪڙو بال ڪونهي جو ان کي ڌرتي تي هوندي، ان ڦيري کي اسين عام رواجي نموني سان ڏسي سگهون. ڌرتي اسان کان ڪروڙين ڀيرا وڏي آهي. اسين ان سان چهٽيل آهيون ۽ ان جي ڇِڪ اسان تي لاڳيتو اثر ڪري ٿي. ڌرتي پنهنجي ڦيري، چڪر ۽ ڊوڙ دوران ڪو به جهاڪو ڪو نه ٿي کائي، ان ڪري ان جي چرپر جو عام طرح اسان کي احساس ڪو نه ٿو ٿئي.

ڌرتيءَ جي خيالي چرپر

اوهان ڪڏهن هوائي جهاز ۾ سفر ڪيو آهي؟ جيڪڏهن اوهان هوائي جهاز ۾ سفر ڪيو آهي ته پوءِ اوهان شايد ٿورو گهڻو اندازو لڳائي سگهو ٿا. هوائي جهاز جا در دريون سڀ بند هجن، جيئن زمين يا ڪڪر اوهان کي نظر نه اچن، يا اوهان ڪجهه دير اکيون بند ڪيو، اوهان کي احساس ئي ڪو نه ٿيندو، ته ڪو هوائي جهاز 500 ڪلوميٽرن جي تيز رفتاريءَ سان اُڏامي يا ڊوڙي رهيو آهي.

اوهان کي خبر آهي ته ڌرتي ڪنڊائتي پوزيشن ۾ آهي. سَرائي يا مهور جي سيڌ ۾ اتر طرف قطب تارو آهي. اتر کان وٺي ڏکڻ تائين ڌرتيءَ جو ڍِڍُ ڪَمان جيان رهي ٿو. ان جي وچ (اوڀر) پريان تارو ٺيڪ اوڀر کان هلندي اولهه طرف ويندي لڳندو، ڇو جو ڌرتي پنهنجي سرائيءَ يا مهور جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ڦرندي رهي ٿي. جنهنڪري ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهندڙ يا پيل سڀ شيون پڻ لاڳيتو ڦيري جي حالت ۾ آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-27