ڌاتو کوجي:(انگريزي: Metal Detector) ھڪ برقي اوزار آهي جيڪو اردگرد ڌاتو جي موجوگي جو پتو ڏيندو آهي. اھي شين ۾ موجود ڌاتو ۽ زمين ۾ پوريل ڌاتوئن مان ٺھيل شين ڳولڻ ۾ ڪارائتا ھوندا آھن.ان جي اندر آسيلئٽر متبادل ڪرنٽ پيدا ڪندو آهي جيڪو ويڙھيل تار مان گذري ھڪ متبادل مقناطيسي ميدان کي جنم ڏيندو آهي. جڏھن بجلي کي پسرائجندڙ ڌاتو ان ويڙھيل تارن جي ويجھو ٿيندو آهي تہ ان پسرائجندڙ ڌاتو ۾ گردابي ڪرنٽ يا گولائي ۾ ڦرندڙ ڪرنٽ پيدا ٿيندو آهي جيڪو ھڪ علحده مقناطيسي ميدان کي جنم ڏينوا آهي. ان ۾ جيڪڏهن ھڪ ٻي ويڙھيل تار ان مقناطيسي ميدان کي ماپڻ لاء بطور مقناطيسي ميٽر شامل ڪبي تہ ان مقناطيسي ميدان ۾ ڌاتو جي اچڻ سان ٿيندڙ تبديلي ظاھر ٿي پئي ٿي. عام طور تي اھو ھٿ ۾ کڻڻ وارو اوزار ھوندو آھي جنھن مان محسوسڪار (sensor) نڪري زمين تي ۽ شين جي مٿان پکڙجي جاچي ڌاتن جو پتو لڳائندا آھن، جيئن ئي محسوسڪار ڌاتو سان ٽڪرجندا آهن تہ اوزار اسپيڪر مان مخصوص آواز ڪڍندو آهي يا انڊيڪيٽر جي سئي چرپر شروع ڪندي آهي. فاصلي تي آواز گھٽ نڪرندو آهي ۽ جيئن جيئن ڌاتو جي ويجھو ٿبو آھي تہ آواز تيز ٿي ويندو آهي يا انڊيڪيٽر جي سئي بلڪل مٿي اٿي ايندي آهي.

آمريڪي فوجي ڌاتو کوجي استعمال ڪندي

ڌاتو کوجي جو ٻيو عام قسم "واڪ ٿرو" ڌاتو کوجي آھن جيڪي بچاء لاء ڪنھن بہ جاء جي داخلي ھنڌ تي لڳايا ويندا آھن جن منجھان ماڻھو ايندي ويندي گذرندا آهن جنھن ذريعي انھن ۾ ڪپڙن منجھ يا ساڻ کنيل شين اندر موجود ڌاتو جي شين جي موجودگي جي چڪاس ٿيندي آھي. ھٿيار ڌاتو جا ٺھيل ھجڻ ڪري محسوسڪار انھن جي موجودگي جو پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. واڪ ٿرو ڌاتو کوجي اڪثر ڪري ايئر پورٽن، اسپتالن، ڪورٽن، جيلن وغيره ۾ لڳل ھوندا آھن. شروعاتي صنعتي ڌاتو کوجي 1960 واري ڏهاڪي جي پيداوار ھيا جن جو استعمال معدنيات واري پاسي ۽ ٻين صنعت سان تعلق رکندڙ شين ۾ ٿيندو ھو. ٿيندو ھو.

حوالا سنواريو