ڊڀ
ڊَڀ (نباتاتي نالو: Desmostachya bipinnata) هي گاھ سخت زمين يعني ڏهرين ۾ ٿيندو آهي. ان جي پاڙ هيٺ اونھي ويندي آهي، تنھنڪري هڪ دفعو ڪٿي اُڀريو تہ پوءِ اتي چوڌاري پکڙبو ويندو. هي هيٺان ٿٻ وانگر ٿيندو آهي ۽ پن چڀڙا ڊگها ٽي – چار فوٽ کن ٿيندا آهن.وچ وچ ۾ سنهيون سنهيون ڏانڊيون ٿينديون آهن، جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا سنگ ٿيندا آهن. پوک لاءِ نقصانڪار آهي. هڪ دفعو ڪنهن ٻنيءَ ۾ اُڀريو تہ پوءِ اُها ٻني آباديءَ کان ڇُٽي. هن جا ٿُٻ سدائين ساوا بيٺا هوندا آهن، جي برسات پوڻ سان وڌي ايندا آهن. هن کي ناس ڪرڻ لاءِ هاري ويچارا ڏاڍا حيلا ڪندا آهن: اونھاري جي ڪوڏر سان کوٽي سڄا ٿُٻ ڪڍندا آهن تہ پوءِ برسات پوڻ وقت ٻہ – ٽي هر ڏيئي پوءِ آبادي ڪندا آهن. ائين ڪرڻ سان هي ٻوٽو بعضي ناس ٿي ويندو آهي، نہ تہ بہ گهٽبو ضرور آهي. هي بلڪل ڪمائتو گاھ آهي. جڏهين وڏو ٿيندو آهي، تڏهين ماڻھو ڏاٽي سان وڍي ان مان ڪيترا ڪم وٺندا آهن، جيئن تہ پاکڙي جي ٿَڙَهَن جي اندر وجهي ڀرتي ڪندا آهن. اُن مان نوڙين وٽي غريب ماڻهو کٽولا واڻيندا آهن، ان جي سنهي ڪُتر ڪري مٽيءَ جي گاري سان گڏي جاين کي راڳو ڏيندا آهن تہ نہ ڪو ڦٽندو ۽ نہ ڪو برسات جي ڪري ترت لھندو ۽ گهڻو وقت جٽاءُ ڪندو آهي. سائو هوندو آهي، تڏهين ڍڳيون، مينھون ۽ گڏھ کائيندا آهن. ڪمائتي هئڻ ڪري غريب ماڻهو ڊڀن جون ڀريون ڪري شھرن ۾ وڪڻي روزگار ڪندا آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) - مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون، سال؛ 2005ع، ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، حيدرآباد، سنڌ.