ڊي پي سي (Damp Proof Course i.e. D.P.C): سرن ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي خاصيت ٿئي ٿي انھيءَ سبب ڪري جاءِ جي سڀني ديوارن ۾ پلنٿ ليول مٿان ڪنھن غير جاذب شيءِ جو تھ ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي جنھن کي عام طرح سان ”ڊي-پي-سي“ چيو وڃي ٿو. ھيءَ تھ ھيٺينءَ زمين جي آلاڻ کي سرن جي سوراخن منجھان مٿي چڙھڻ کان روڪي ٿو. پلنٿ ليول زمين جي ھموار ڪيل ليول کان گھٽ ۾ گھٽ 6 انچ مٿي ھئڻ گھرجي، جيئن جاءِ جي ٻاھرين ديوارن جي چوڌاري ھوا تي اڏامي جمع ٿيل مٽي ۽ ٻيو گند ڪچرو آلو ٿي ديوار جي مٿئين حصي کي نقصان پھچائڻ جو سبب نہ بڻجي.

انھيءَ واسطي اسان وٽ عام طرح سان 1:2:4 جي ملاوٽ جو 11/2" کان 3" ٿلھو سيمينٽ ڪانڪريٽ جو تھ ڏيئي انھيءَ مٿان ڏامر جا ٻہ تھ چاڙھيا ويندا آھن. انھيءَ کان علاوھ مختلف علائقن ۽ مختلف ملڪن ۾ زمين جي نوعيت ۽ عمارت جي معيار مطابق ڊي-پي-سيءَ واسطي ايليومينم جون چادرون (Aluminum Sheets)، شيھي جون چادرون (Lead Sheets)، ڏامر جون چادرون (Bitumen Felts)، سليٽ پتر جون تختيون (Two Courses of Slates)، غير جاذب قسم جون سرون، واٽر پروف سيمينٽ جھڙوڪ پڊلو ۽ غير جاذب نھرا پٿر وغيره استعمال ڪيا ويندا آھن. . پڊلو گھڻو ڪري ھڪ عام سيمينٽ جي ٻوريءَ پويان 5 پائونڊ استعمال ڪيو ويندو آھي ڇاڪاڻ تھ زيادھ پڊلو استعمال ڪرڻ سان سيمينٽ ڪانڪريٽ ۾ ڏار پيدا ٿي پوندا آھن.

ساڳئي مقصد سان برسات دوران پاڻيءَ جو مٿان کان ھيٺ رسي نقصان پھچائڻ کي روڪڻ واسطي ٽيڪي وارين ديوارن (Parapet Walls) ھيٺان ڊي پي سيءَ جو تھھ چاڙھيو ويندو آھي. سم وارن علائقن ۾ ديوارن جي اندرئين ۽ ٻاھرئين يعني ٻنھي پاسن کان پلنٿ ليول تائين ڊي پي سيءَ جو اڀو تھھ چاڙھي انھيءَ کي پلنٿ ليول مٿان چاڙھيل ڊي پي سيءَ جي سڌي تھھ سان ملايو ويندو آھي. ڊي پي سيءَ جو تھھ فرش جي ليول سان سنوت ۾ ھئڻ گھرجي. عام طرح سان پلنٿ ليول زمين جي ليول کان گھٽ ۾ گھٽ 11/2 فوٽ کان 2 فوٽن تائين مٿي رکڻ موزون رھي ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو