محقق ڊين گبسن (Dan Gibson) تاريخ تي ڪيل تحقيق جي حوالي سان پنهنجي ڊاڪيومينٽري يا دستاويزي وڊيو ”دي سيڪرڊ سٽي آف اسلام“ (The sacred city of Islam) ۾ ڄاڻائي ٿو ته عربن جو قبيلو قريش اصل ۾ اردن (Jordan) جي آڳاٽي شهر پيٽرا (Petra) ۾ آباد هو. اهو شهر هند ۽ چين کان وٺي ڏيهان ڏيهي واپار جو مرڪز هو ۽ ڪعبو به ان ئي شهر ۾ هو. جيئن ته اُتي زمين ڌڏندي (زلزلا) ايندا هئا ان ڪري ان کي ”البکہ“ جي نالي سان به سڏيو ويندو هيو.

گبسن مطابق هاڻوڪو مڪو هڪ ويران علائقي ۾ آهي, پر حديث سڳورين موجب مڪو ساوڪ ۽ ساواڻ وارو علائقو يا وادي هئي، جتي ميوا گهڻائي ۾ ۽ جام ٿيندا هئا ۽ پاڻي به جام هو. سندس تحقيق مطابق هاڻوڪو مڪو ان واپاري واٽ تي ڪونهي جنهن جو حديث سڳورين ۾ ذڪر آهي ۽ اسلامي دور جي پهرين صديءَ واري دور جي مسيتن جو رخ به پيٽرا جي طرف آهي ۽ هاڻوڪي مڪي طرف ڪونهي ۽ جنهن گھرو ويڙھ جي زماني ۾ متقلي ٿي ان زماني جي باري ۾ تاريخ طبري جا صفحا نه هئڻ جي برابر آهن. ابو زبير جي بني هاشم جي گھاٽيءَ ۾ نظربند ٿيڻ واري واقعي تي سوچيون ته هاڻوڪي مڪي واري ماڳ تي اهڙيون ڪي گھاٽيون نظر نٿيون اچن ۽ نه پاڻي جي هڪ کوھ کان سواءِ ڪنهن چشمي جي شاهدي ملي ٿي. ابو زبير واري واقعي ۾ گھاٽيءَ ۾ قيد ماڻهو وهندڙ چشمي مان پاڻي به پي وٺندا هئا ۽ ساوا پَن ۽ گاھ وغيره کائي پاڻ کي جيئرو رکي بچائي سگھيا هئا جڏهن ته هاڻوڪي مڪي واري ماڳ تي اها ڳالھ ٿيڻ جوڳي نه پئي لڳي.

هڪ تحقيق مطابق ابو زبير هتي پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو هو ۽ پوءِ حجاج جي مجنڪن سان پٿرن جي واري بمباريءَ ڪارڻ ڪعبو لڳ ڀڳ ڊهي ويو هو. تنهنڪري ابو زبير حجر اسود کي هاڻوڪي مڪي جي جبلن ڏانهن کڻي ويو هو، جتي هن نئين ڪعبي جي اڏاوٽ ڪئي هئي.

حضرت بي بي عائشه کان مروَي ٻه حديثون جيڪي مڪي پاڪ جي حوالي سان بيان ٿيل آهن مڪي پاڪ جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ٿيون، اهي پڻ هاڻوڪي مڪي جي بدران اردن ۾ موجود پٽريا (البڪہ) سان هڪجھڙائي رکن ٿيون.

گبسن مطابق اصل مڪو پيٽرا ۾ ئي هو ۽ مڪي پاڪ ڏانهن رستو پيٽرا کان ئي ويندو هو. پيٽرا جي ڀرپاسي تي ڌيان ڌريون ته اُتي جابلو پيچرا آهن، جتي نبي پاڪ پيغمر سڳوري تي ايمان آڻڻ وارن ۽ مڃڻ وارن ۽ اهل قبيله کي نظربند ٿيڻو پيو هو. جيئن ته پيٽرا ۾ پاڻي آهي ۽ ساوڪ به آهي، ان ڪري اهي بچي سگھيا هئا.

اهو به نڪتو اهم آهي ته مڪي وارا واپاري هئا ۽ حضرت بي خديجا ڪيترن ئي ملڪن سان واپار ڪندڙ امير بي بي سڳوري هئي. پيٽرا ان وقت ان پرڳڻي جو واپاري مرڪز هو، جنهن جو تاريخ ۾ جتي ڪٿي ۽ واپاري واٽن وارن نقشن ۾ ذڪر ملي ٿو، جڏهن ته هاڻوڪي مڪي واري هنڌ يا ماڳ جو تاريخ ۾ ڪٿي به ذڪر نٿو ملي.

جتي واپار وڙو ٿيندو آهي يا جيڪو شهر واپار جو مرڪز هوندو آهي، اتان جي اڏاوت جي نمونن مان خوشحالي، سرهائي ۽ شاهي محل پريان کان ئي پيا پڌرا نظر ايندا آهن ۽ اهي سڀ تاريخي شاهديون هاڻوڪي مڪي ۾ نه پر پٽريا مان لڀن ٿيون. حديث سڳورين ۾ مڪي پاڪ کي سائو ستابو زرخير زرعي ۽ واپاري مرڪز بيان ڪيو آهي، جيڪا ڳالھ پڻ پيٽرا مان ثابت ٿئي ٿي، نڪي هاڻوڪي مڪي وارا ماڳ مان.[1] [2] [1]

عزيز صديقي پنهنجي ڪتاب ارمغان عجم ۾ بيان ڪري ٿو ته جھڙي نموني واقعو بيان ٿيل آهي ان حساب هاڻوڪي مڪي کان ڪوفي تائين واٽ يا روٽ ٺهي ئي نٿو.[3]

حوالا سنواريو

  1. | The sacred city of Islam by Dan Gibson | ڊين گبسن<
  2. https://www.youtube.com/watch?v=qOnGvzVceVo&feature=youtu.be
  3. ڪتاب: ارمغان عجم از عزيز صديقي