ڊونگ منگجو:سانچو:Chinese name Dong Mingzhu (چيني: 董明珠; پينين: Dǒng Míngzhū) ( ڄائي :1954) ھڪ چيني بزنس ڪندڙ عورت جو نالو آهي جيڪا گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي جي چيئر وومن آھي [1] نيويارڪ ٽائمز مطابق ھي چين جي سڀ کان سخت بزنس وومن آھي[2]

ڊانگ منگجو
( Dong Mingzhu)
رھائش جوھائي، چين
قوميت چيني يا چائنيز
پيشو گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن جي چيئر وومن
ٻار ٻچا 1 پٽ[1]

ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر سنواريو

چين جي بزنس ۾ ھيء ڪامياب عورت مزدور خاندان ۾ پيدا ٿي ۽ ننڍپڻ ۾ ھن فوج ۾ سپاهي بڻجن چاھيو پئي . ھن 1975 ۾ چين جي انھوئي( Anhui ) صوبي جي شھر ووھو (Wuhu) جي ھڪ مخصوص انسٽيٽيوٽ مان شماريات ۾ گريجوئيشن ڪري نانجنگ جي مڪاني حڪومت جي اداري جي ڪيميسٽري جي ليبارٽري ۾ انتظامي نوڪري حاصل ڪئي جتي 15 سال ڪم ڪيائين[2][3] 3 سالن جي عمر ۾ 1990 ۾ بيواھ ٿيڻ کان پوءِ ھن پنھنجي ٽن سالن جي پٽ کي ننڍڙي جي ڏاڏي جي سنڀال ۾ ڏئي ليبارٽري واري نوڪري ڇڏي گئانگ ڊونگ صوبي جي شھر جوھائي ۾ نوڪري جي تلاش ۾ آئي ۽ ھيلي ڪمپني ( گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي جو پراڻو نالو) ۾ سيلز پرسن ٿي جتي ھن پنھنجي پرفارمنس تي تڪڙيون ترقيون حاصل ڪيون. 1994 ۾ ھي ڪمپني جي وڪري واري شعبي جي ھيڊ ٿي وئي. 2001 ۾ ھي گري اليڪٽرڪ اپلائينسز انڪارپوريشن آف جوھائي جي پريزيڊنٽ ٿي وئي.[4] 2012 ۾ ھي ڪمپني جي چيئر وومن پڻ ٿي وئي. ڊونگ منگجو جي مينجمينٽ ۾ ڪمپني دنيا جي سڀ کان گھڻا ايئر ڪنڊيشنر يونٽ ٺاھيندڙ ڪمپني بڻجي وئي. 2014 ۾ ھن ڪمپني جو روينيو 140 بلين يوئان ھيو.[5] Gree Electric's company stock has risen 2300% during her stay.[6]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Dong Mingzhu". Forbes. Forbes. حاصل ڪيل 12 August 2016. 
  2. 2.0 2.1 Tatlow, Didi Kristen. "Setting the Pace With Toughness". Asia Pacific. The New York Times. حاصل ڪيل 5 March 2013. 
  3. Ren, Daniel. "Succeeding by Degrees". South China Morning Post. South China Morning Post. حاصل ڪيل 12 August 2016. 
  4. "Dong Mingzhu: A Powerful Self-made Chinese Businesswoman". Brand International. Brand International. حاصل ڪيل 12 August 2016. 
  5. Borromeo, EL. "Gree's Dong Mingzhu Top's Fortune's Most Influential Businesswomen in China". Yibada. Yibada. حاصل ڪيل 12 August 2016. 
  6. "MPW Asia-Pacific 2015". Fortune. Fortune. حاصل ڪيل 12 August 2016.