ڊرائيونگ جو پاسو

ڊرائيونگ جو پاسو: دنيا ۾ ٽريفڪ نظام ٻن قسمن وارو آھي ھڪ روڊ جي کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ وارو ۽ ٻيو روڊ جي ساڄي پاسي کان ڊرائيونگ وارو. ھر ان طريقي کي رستي جو قائدو سڏبو آهي.[1] روڊ ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ پوري اتر آمريڪا کنڊ ، برطانيا ۽ آئرلينڊ کي ڇڏي ڪري پوري يورپ ، روس چين ، پوري عرب دنيا اتر اولھ آفريڪا ، وچ آفريڪا ، تقريبن پوري ڏکڻ آمريڪا سميت دنيا جي 165 ملڪن ۾ مروج آهي. ھن طريقي واري ڊرائيونگ ۾ گاڏين جو اسٽيرنگ ھينڊل کاٻي پاسي لڳل ھوندو آھي ۽ گاڏي روڊ جي ساڄي پاسي ھلندي آھي سامھون ايندڙ گاڏي کاٻي پاسي کان ڪراس ڪندي آهي ۽ پويان ايندڙ گاڏي کاٻي پاسي کان اڳ ڪڍندي آھي. کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، جاپان، آسٽريليا، ڀوٽان، نيپال، سريلنڪا، ملائيشيا، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، نيو گني، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، ڪينيا، تنزانيا، زميبيا، برطانيا، آئرلينڊ سميت 75 ملڪن ۾ مروج آھي جن ۾ دنيا جا 35 سيڪڙو ماڻھو ۽ دنيا جي روڊن جو چوٿون حصو شامل آهن.[2] [3]1919 ۾ 104 ملڪن کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ جو قائدو ھلندڙ ھيو جيڪو 1986 تائين گھٽجي 34 ملڪن تائين گھٽجي ويو باقي ملڪن ۾ ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ جو طريقو مروج ٿي ويو. [4] ڊرائيونگ جا اھي ٻئي طريقا دنيا اندر ريلوي نظام ۾ پڻ مروج آهن.

2019 ۾ ڊرائيونگ جي پاسي مطابق ملڪ
  کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ
  ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ
دنيا جي ملڪن جو ڊرائيونگ جو پاسو ۽ ان ۾ تبديلي ڏيکاريندڙ نقشو.
  ساڄي پاسي جي ڊرائيونگ وارا ملڪ
  ھاڻي ساڄو پاسو پر ماضيءَ ۾ ڊرائيونگ جو کاٻو پاسو
  ھاڻي ساڄو پاسو پر ماضيءَ ۾ مقامن جي بنياد تي مختلف قائدا رکندڙ
  ھاڻي کاٻو پاسو پر پھريان ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ
کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪندڙ گاڏين جي اندر اسٽيرنگ ھينڊل ساڄي پاسي لڳل ھوندو آھي
ٻيڙن ۾ ساڄي پاسي وارو ڊرائيونگ جو پاسو ھوندو آھي

بحري ۽ ھوائي سوارين ۾ دنيا ۾ آمريڪا سميت پڻ ساڄي پاسي وارو طريقو مروج آهي. ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ گاڏي، ٻيڙي، ٽرين يا جھاز جو اسٽيرنگ ھينڊل کاٻي پاسي لڳل ھوندو آھي ۽ کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ وري گاڏين جي ساڄي پاسي لڳل ھوندو آھي. کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ چوراھي تي گولائي جو چڪر گھڙيالي چڪر وانگر لڳائبو آهي پر ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ ۾ وري گھڙيالي چڪر جي ابتي پاسي ڦربو آهي.

کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ جي نظام ۾ چوراھي جي ڊرائيونگ
ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ نظام ۾ چوراھي جي ڊرائيونگ

برطانيا لنڊن برج جي ڪري کاٻي پاسي کان ساڄي طرف ٽريفڪ نظام تبديل نہ ڪيو. انقلاب فرانس کان پوءِ فرانس ٽريفڪ نظام ساڄي پاسي ڪري ڇڏيو. سوئيڊن 1734 کان کاٻي پاسي جو نظام شروع ڪيو پر 1967 ۾ ساڄي پاسي تبديلي آندي. کاٻي پاسي واري ٽريفڪ نظام ۾ حادثن ۾ ڪمي اچي رھي ھئي جنھن ڪري نظام ۾ تبديلي جي ضرورت پيدا ٿيندي رھي آھي.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Kincaid, Peter (December 1986). The Rule of the Road: An International Guide to History and Practice. Greenwood Press. pp. 50, 86–88, 99–100, 121–122, 198–202. ISBN 978-0-313-25249-5. 
  2. "Worldwide Driving Orientation by Country". حاصل ڪيل 13 December 2016. 
  3. Barta, Patrick. "Shifting the Right of Way to the Left Leaves Some Samoans Feeling Wronged". The Wall Street Journal. https://www.wsj.com/articles/SB125086852452149513. (چندو گهربل)
  4. Watson, Ian. "The rule of the road, 1919–1986: A case study of standards change" (PDF). حاصل ڪيل 30 November 2016.