ڊاڪٽر (لقب)
ڊاڪٽر:Doctor: ڊاڪٽر ھڪ علمي لقب آھي جيڪو اصل لاطيني ٻولي جو لفظ آهي[1] لاطيني ۾ ان جو گرامر ۾ فعل ڊاڪر docēre لکندا آهن جنھن جي معني آهي سيکارڻ. يورپ ۾, تيرھين صدي کان وٺي ان لفظ جو استعمال علمي لقب طور شروع ٿيو جڏھن اٽليءَ جي يونيورسٽي آف بولوئڃا (Bologna) ۽ فرانس جي پيرس يونيورسٽي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏيڻ جي ابتدا ڪئي ۽ بعد اھو لفظ دنيا جي سڀني يونيورسٽين رواج ۾ آندو. ان کي بعد ۾ مختصر ڪري Dr لکن شروع ڪيو ويو. ھي لفظ انھن ماڻھن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جن کي ڊاڪٽوريٽ جي سند ملندي آهي جيئن ڊاڪٽر آف فلاسافي. ڪجهه ملڪن ۾ طب سان تعلق رکندڙن لاءِ بہ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ بہ ان جو استعمال ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ سان گڏوگڏ طب جي پريڪٽس ڪندڙن لاءِ بہ ٿيندو آهي. 7 جون 1962 ۾ صدر ايوب خان ايلوپيٿڪ سسٽم (پريوينشن آف مس يوز) آرڊيننس (Allopathic system prevention of misuse Ordinance) جاري ڪيو جنھن تحت سڀني ايلوپيٿڪ (Allopathic)، ھوميوپيٿڪ (Homeopathic)، ايورويدڪ(Ayurvedic), يوناني (Unani) يا ڪنھن بہ علاج جي طريقي جي پريڪٽس ڪندڙ کي ڊاڪٽر لفظ استعمال ڪرڻ کان منع ڪئي وئي رڳو انھن کي اھو لفظ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي جن جي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل آرڊيننس 1962 تحت پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ۾ رجسٽريشن ٿيل آهي يعني صرف رجسٽرڊ ميڊيڪل پريڪٽيشنر کي ڊاڪٽر سڏائڻ جي اجازت آھي يا وري اھو جنھن کي ملڪ جي يا ٻاھرين يونيورسٽي ميڊيڪل ڊگري کان علاوه ڪا ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏئي. انحرافي جي صورت ۾ ھڪ سال قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي آهي ۽ اھڙو ڪيس صرف ڊرگ ايڪٽ 1976 تحت مقرر ڪيل انسپيڪٽر جي مدعيت ۾ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ داخل ٿي سگھي ٿو.
حوالا
سنواريو- ↑ William Whitaker. "William Whitaker's Words – Doctor". University of Notre Dame. حاصل ڪيل 21 April 2011.