ڊاڪتر انيس خورشيد

پروفيسر ڊاڪٽر انيس خورشيد، لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ شهرت رکندڙ آهي. 2 سيپٽمبر 1924ع (رڪارڊ موجب 21 مارچ 1926ع) تي مهاراشٽر ۾ ڄائو. سندس علمي ڪاوشن جو تفصيل هن طرح آهي: 1954ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لائبرريءَ ۾ ڪلاسيفاير مقرر ٿيو. 1957ع ڌاري ساڳي يونيورسٽيءَ مان لائبرري سائنس جي مضمون ۾ ڊپلوما ڪيائين. 1959ع ڌاري آمريڪا جي ريوجرس (Rutgers) يونيورسٽيءَ مان لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ ايم. اي ڪيائين. 62 1961ع ڌاري ”پاڪستان لائبرري ائسوسيئيشن“ جو ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو. 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”لائبرري ۽ انفارميشن سائنس“ جي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1969ع ۾ آمريڪا جي ”پٽسبرگ“ (Pittsburgh) يونيورسٽيءَ مان لائبرري ۽ انفارميشن سائنس ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1970ع کان 1973ع تائين ٻيهر پاڪستان لائبرري ائسوسيئيشن جو ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1972ع کان 1986ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لاڳاپيل شعبي ۾ چيئرمئن جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون. ان کان سواءِ 1976ع کان 1978ع تائين ڏکڻ ايشيا جي علائقائي سرگرمين (آءِ. ايف. ايل. ايز) جو چيئرمئن رهيو. ڊاڪٽر انيس خورشيد جا لکيل مضمون مختلف اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. پي.ا يڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل سندس مقالو پٽسبرگ يونيورسٽيءَ طرفان ڇاپيو ويو آهي. ان کان علاوه قائداعظم جي زندگيءَ تي سندس لکيل ڪتاب جا ٻه جلد، قائداعظم اڪيڊميءَ پاران شايع ڪيا ويا آهن. سندس لکيل ٻه ڪتاب ”ڪئٽلاگنگ آف پاڪستاني نيمس“ ۽ ”جديد ڪئٽلاگ سازي“ پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ نصاب طور پڙهايا وڃن ٿا. اُن کان سواءِ ”پلاننگ ائنڊ مئنيجمينٽ آف لائبرري ائنڊ انفارميشن سروسز اِن پاڪستان“ به سندس اهم تصنيف آهي. 1996ع ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ تي کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو.[1]

حوالا سنواريو