مک مينيو کوليو

ڇا ڊارڪ انرجي جي وجهہ سان اسانجي ڪھڪشان بہ پکڙجي رهي آهي

ترجمو:”دريا خان سنڌي“

ائين گھڻو ڪري ٻڌڻ ۾ ايندو آهي تہ ڇا ڊارڪ انرجي جي وجهہ سان اسانجو نظام شمسي بہ پکڙجي رهيو آهي يا اسانجي ڪھڪشان ملڪي وي بہ پکڙجي رهي آهي

جيڪڏهن اوهان نظري اضافيت جي مدد سان بنايل ڪائنات جي مساوات کي ڏسندي جنھن کي freidmann equations Of cosmolgy چيو ويندو آهي تہ اوھان ڏسندا تہ هي نظريو اسانکي ٻڌائيندو آهي تہ گھڻي وڏي اسڪيل تہ يعني ڪروڙين نوري سال جي اسڪيل تي ڪائنات گھڻي حد تائين هومو جينيس آهي يعني انجي Density ڪثافت هر جڳھ هڪجهڙي آهي ۽ آئسوٽروپڪ آهي يعني ڪنھن بہ رخ ڏا ڪائنات هڪجهڙي ئي نظر ايندي ان مساوات موجب ڪائنات جي شروعات جي وقت تمام بنيادي پارٽيڪل گھڻي تيزي سان هڪ ٻئي کان پري وڃي رهيا هئا يعني ڪائنات گھڻي تيزي سان پکڙجي رهي هئي ان وقت بہ ڪشش ثقل موجود هئي جيڪا انھن شين کي هڪ ٻئي ڏا ڇڪي رهي هئي پر ڪائنات جي پکڙجڻ ايترو تہ تيز هيو جو ڪشش ثقل ڪائنات ۾ موجود تمام مادي کي هڪ نقطي تي گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جيتوڻيڪ وڏي پيماني اسڪيل تي ڪائنات جي اوسط ڪثافت هر جڳھ هڪجهڙي هئي پر گھڻي ننڍي پيماني تي يعني ڪوانٽم ليول تي ڪثافت ۾ ٿورو فرق بہ موجود هيو ان ۾ اهيو ٿيو تہ ڪائنات ۾ ڪجھ مقامن تي مادي جي ڪثافت ٻين مقامن جي نسبت وڌيڪ هئي ان مقامن تي ڪشش ثقل مادي کي هڪ ٻئي ڏا ڇڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ هي مقام ڪشش ثقل جي اثر سڪڙجڻ لڳا انھن جڳهن تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ستارا ڪهڪشائن ۽ ڪهڪشائون جا ڪلسٽرز Clustersميڙ ٺهي ويا ذهن ۾ رکڻ جي ڳالھ اهيا آهي تہ انھن علائقن ۾ يعني ڪهڪشائن جي ڪلسٽرز ميڙ ۾ مادو هڪ ٻئي کان پري نہ وڃي رهيو هيو پر ان قسم جا مختلف ڪلسٽرز ميڙ هاڻي بہ هڪ ٻئي کان پري وڃي رهيا هيا جيتوڻيڪ ان ڪلسٽرز ميڙ جي اندر تہ مادو جي ڪثافت وڌڻ لڳي يعني ڪهڪشائون سڪڙجڻ لڳيون ۽ پنھنجي مرڪز جي ويجھي گردش ڪرڻ لڳيون پر ڪهڪشائن جي ان ڪلسٽرز ميڙ جي وچ ۾ فاصلو وڌندو رهيو پر هر ڪلسٽر ميڙ جي اندر صرف هڪ قوت موجود هئي جيڪا ڪشش ثقل هئي جيتوڻيڪ هي ڪشش ثقل ان ڪلسٽرز ميڙ جي اندر موجود ڪهڪشائن کي پکڙجڻ کان روڪيندي آهي ان وجھ سان ڪهڪشائن جي ڪنھن بہ ڪلسٽر ميڙ جي اندر اسپيس ناهي پکڙجي رهي ۽ ڪلسٽرز ميڙ جي حجم ۾ اضافو ناهي ٿي رهيو هاڻي اچون ٿا ڊارڪ انرجي ڏا ڊارڪ انرجي جي ڪثافت ڪائنات ۾ هر جڳھ هڪجهڙي آهي جيتوڻيڪ ڪهڪشائن جا ڪلسٽرز ميڙ هڪ ٻئي کان پري وڃي رهيا آهن انھن جي ويجهو اسپيس گھڻي ٿي رهي آهي ۽ انھن جي ويجهي ڊارڪ انرجي جي مقدار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اسپيس ۾ ڊارڪ انرجي جي ڪثافت في معقب نوري سال جي حساب سان گھڻو گھٽ آهي پر جيئن جيئن ڪنھن بہ ڪلسٽرز ميڙ جي ويجهي فاصلو وڌيڪ ٿي رهيو آهي تئين تئين ان ٻنهي جي وچ ۾ ڊارڪ انرجي جي مجموعي مقدار بہ وڌي رهي آهي انجي ابتڙ جيئن جيئن انھن جو پنھنجو فاصلو وڌي رهيو آهي تئين تئين انھن جو پاڻ ۾ ڪشش ثقل جي قوت گھٽ ٿي رهي آهي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڊارڪ انرجي جيڪا ڪلسٽرز ميڙ کي پري ڌڪي ٿي ان ڪلسٽرز ميڙ جي ويجھو ڪشش ثقل جيڪا انھن کي هڪ ٻئي ڏا ڇڪي ٿي انکان گھڻو وڌيڪ طاقتور ٿي ويندي آهي انجو نتيجو هي هوندو آهي تہ ڪائنات جا جيڪي حصا هڪ ٻئي کان گھڻو پري آهن انھن ۾ فاصلو گھڻي تيزي سان وڌڻ لڳندو آهي انکي اسان ڪائنات جو پکڙجڻ چوندا آهيون انجي پکڙجڻ جي ريشي ۾ ڊارڪ انرجي جي وجهہ سان ڏينهو ڏينھن اضافو ٿي رهيو آهي پر ڪلسٽرز ميڙ جي اندر ڪهڪشائن جي اندر سولر سسٽم ۾ يا سولر سسٽم جي اجزاء ۾ ڊارڪ انرجي ڪنھن بہ قسم جو پکڙڻ پيدا ناهي ڪري رهي ڇوجو ان اجزاء ۾ ڪشش ثقل انھن کي گڏ رکيون وٺي آهي خصوصن سخت اجزاء مثال زمين، چند،وڏيون جڳھون ۽ ٻين سخت اجزاء ۾ تہ ڪشش ثقل سان بہ گھڻو وڌيڪ طاقتور برقي مقناطيسي قوت انھن کي ڪٺو ڪيون ويٺل آهي برقي مقناطيسي قوت ڊارڪ انرجي سان کربين ڀيرو وڌيڪ طاقتور آهي ان لاءِ انھن اجزاء تي ڊارڪ انرجي جو ڪو اثر ناهي ٿيندو جيتوڻيڪ اسانجي موجوده سمجھ موجب ڪائنات جو پکڙجڻ تہ وڌندو رهندو ۽ ڪهڪشائن جي ڪلسٽرز ميڙ جي هڪ ٻئي کان پري ويندا رهندا ائين بہ ممڪن آهي تہ هاڻي کان کربين سال کانپوءِ ڪهڪشائن جي ڪلسٽرز ميڙ ۾ ڪهڪشائون بہ هڪ ٻئي کان پري وڃڻ لڳن يعني کربن سالن کانپوءِ اسانکي ملڪي وي ڪھڪشان کان سواءِ ٻئي ڪهڪشان نظر نہ اچي پر ڪهڪشائن جي اندر ڊارڪ انرجي جي وجهہ سان ڪو پکڙڻ نہ ٿيندو ۽ ڪهڪشائن جي مجموعي جسامت ۾ ڪو گھڻو فرق نہ پوندو هاڻي کان کربين سال کانپوءِ ڪهڪشائون اوندهه ٿي وينديون انھن ۾ موجود سڀ ستارا يا تہ بليڪ هول ٺهي ويندا يا نيوٽران ستارا ٺهي ويندا يا وري اڇا بونا ستارا ٺهي ويندا پر جڏهن تائين هي بليڪ هولز، نيوٽران،ستارا، ۽ اڇا بونا ستارا موجود رهندا تڏهن تائين ڪهڪشائن جو بنياد بہ برقرار رهندو پر جيڪڏهن اسان هي فرض ڪيون تہ بنيادي ذرڙا بہ مستقل نہ آهن ۽ کربين سالن ۾ نيوٽرون پروٽان ۽ ٻيا مادي ذرڙا بہ آخرڪار ناس ٿيڻ شروع ٿي ويندا تڏهن ئي ممڪن آهي تہ نيوٽران ستارا اڇا بونا ستارا ۽ سيارا بہ آخرڪار ختم ٿي ويندا انکان پوءِ ڪائنات ۾ صرف بليڪ هول ئي رهجي ويندا پر هاڻي اسان اهيو ڄاڻون ٿا تہ بليڪ هولز بہ هاڪنگ شعاعون خارج ڪندا آهن جنھن وجہ سان آهستہ آهستہ انھن جو بہ ماس گھٽ ٿيندو ويندو آهي ۽ ائين کربين سالن کانپوءِ ممڪن آهي تہ بليڪ هولز بہ ختم ٿي ويندا ۽ ڪائنات ۾ صرف فوٽونز ئي رهجي ويندا ان وقت ڪشش ثقل بہ هار مڃي وٺندي ۽ ڪائنات ۾ هر جڳھ صرف ڊارڪ انرجي جي ئي حڪومت هوندي