ڇٽ:

ھٿ جي ھڪ زيور جو نالو. هي سڀني مٿين شين کان وڏو ٿئي، ايتريقدر جو ٽن آڱرين کي ڍڪي بيهي _ پر پائجي هڪ آڱر ۾. وچ ۾ ڳاڙهي گول ٽڪ ٿئي، ۽ چئني پاسن چانديءَ جي ڄاري. انهيءَ ڄاريءَ ۾ رنگين ٽڪن جي جڙات ڪيل هوندي آهي، ۽ ان جي پاسي کان ٿوري ڪنگري ٿئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}