جنم سنواريو

ڇتي ڪوريءَ (Chhato Kori) جو اصل نالو محمد ڇَتل ولد محمد صابر ڪوري ھو، جيڪو خيرپور ضلعي جي ڳوٺ، کھڙا ۾ 3 اپريل 1545ع ۾ ڄائو.

سوانح سنواريو

سندس اباڻو ڌنڌو، ڪپڙو اُڻڻ ھو، جيڪا سنڌ جي قديم ۽ پراڻو هنر ۽ ڌنڌو هئو. ھن فن جو ثبوت “موھن جي دڙي” مان به ملي ٿو. ڪوري سنڌ جي اھا ذات آھي، جنھن انسان ذات تي، اھو احسان ڪيو، جو ان جي اوگھڙ ڍڪي.

چون ٿا ته، ڇَتو ننڍپڻ کان ئي، ڳالھين جو ڳھير ۽ ڳالھائو ھوندو ھو، ايتريقدر جو منٽ جي ڳالھ کي وڌائي ڪلاڪن ۾ پورو ڪندو ھو، ان ڪري مڪتب ۾ ھو پڙھي نه سگھيو ۽ استادن ۽ هڪ جيڏن ۾، ھو پوري حيثيت حاصل ڪري نه سگھيو. اھا حالت ڏسي، سندس والد، پڙھائي ڇڏرائي، کيس گامڻ ڪوري جي آڏاڻي تي ويھاريو، جتي ھو اباڻي هنر ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم سکڻ لڳو. ھت به ھو پنھنجي فطرت مطابق، ڳالھيون ڪرڻ لڳو ۽ پنھنجي سادگيءَ سبب، استاد کي به تنگ ڪندو ھو، پر ھو ھڪ، مھربان۽ شفيق استاد وانگر، کيس ڪم جا گُر سيکارڻ لڳو.

ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته ڇتي جي استاد گامڻ ڪوريءَ پنھنجو پَٽڪو لاھي، آڏاڻي جي ڀرسان رکيو ۽ پاسو ڏيئي، آڏاڻي تي ويھي ڪپڙو به اُڻڻ لڳو ۽ جھٽ جھٽ ۾ حُقي مان به ڦوڪ ڀرڻ لڳو. ڇتي ويٺي، پوڻيون پِسايون. نه ڄاڻ ڪا چڻنگ حُقي مان اُڏي، استاد جي پٽڪي ۾ وڃي پيئي. استاد ته پنھنجي ڪِرت ۾ رڌل ۽ حُقي ۾ مگن. پٽڪي تي ته سندس نظر به ڪانه ھئي. بس سائين! پٽڪو سڙڻ لڳو. ڇتي ڏٺو ته، استاد جو پٽڪو ٿو سڙي، سو پنھنجي مخصوص انداز موجب، چوڻ لڳو ته “ قبلا استاد سائين! جيئين سدائين، خوب کائين پيئين- شل جڳ تنھنجو محتاج ھجي. اوھان جي پياري حقي شريف مان، چڻنگ اٿي، اوھان صاحبن جي پڳ مبارڪ تي پيئي آھي. ظاھر آھي ته، ڇتو جيستائين پڳ جي لفظ تي پھچي ۽ استاد ڳالھ سمجھي تيستائين “ڪپڙا بوءِ” به تيز ٿي ويئي ۽ گامڻ اٿي، پڳ جو کڻي ڏسي ته، اھا اڌ چٽ ٿي چڪي ھئي. بھرحال، ڇتي اجائي ڊيگھ ڪري، استاد جي پڳ جو کنڌو کڻائي ڇڏيو. جيڪڏھن ھو، ھن موقعي تي، مختصر ڳالهه کان ڪم وٺي ھا ته، جيڪر پٽڪو سڙڻ کان بچي پوي ھا.

ڇتو ڪوري، استاد کان ڪم سکي پنھنجو ذاتي دڪان کولي، جوڙيون ٺاھي، روزانه معاشرتي زندگي ۾ پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر سندس مخصوص ڪردار ۽ عادت، ھت به نه ڇڏيائين. ٻيا ڪوري روزانو ٽي چار تاڪيا، وڪڻي ايندا ھئا، پر ڇتو ھڪ جوڙي به مس نيڪال ڪري سگھندو ھو. انھيءَ جو ڪارڻ ھيءُ ھو ته ھو پنھنجي ڪپڙي جي ساراھ، حد کان وڌيڪ ڪندو ھو. چوندو ھو ته “او سائين! منھنجي ھيءَ جوڙي سڀ کان مضبوط آھي. سُت تي رنگ، عيسي نيروليءَ جو پڪو چڙھيل اٿس. ڌاڳو به بلڪل مضبوط ۽ تازو آھي، وڏي ڳالھ ته منھنجي اُڻت اھڙي ته سنھي ۽ گھاٽي آھي، جو وار به وِٿي نه ڇڏي اٿم، خوب چوڙيندي، اگھ به سستو! وغيره وغيره!” ايڏي ڊگھيڙ ته ڪو واندو ماڻھو، بيھي ٻڌي، ان ڪري خريدار، ٻين کان جوڙيون وٺي رمندا رھندا ھئا ۽ ھو ويچارو واٽ تڪيندو رھندو ھو. ھان! ان هودي به، جيڪي سندس طبيعت، شرافت، سادگي ۽ ايمانداريءَ کان واقف ھئا، سي کانئس پھرئين جوڙي وٺي ڇڏيندا ھئا، ۽ ھو اھڙي طرح، پيٽ گذران ڪندو رھندو ھو.

ڇتو ڪوري، جيتوڻيڪ گھڻ ڳالھائو ۽ ڳالھين جو ڳھير ھو، پر ھو شرارت ۽ پرائي شيءِ کان پري، پنھنجي ڌنڌي ۾ ايماندار ۽ فن سان سچو ھو. سندس ڪپڙو به، ھر ملاوت ۽ مصنوعي بناوت کان پاڪ ھو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته “ھو چوندو ھو ته “ھي جوڙي مضبوط آھي، سندس ٺڪري پڪي آھي، ڌاڳو به پڪو اٿس. گھاٽي اُڻيل آھي. تمام گھڻو چوڙ ڏ يندي، ڏاڍي سَستي آھي، بر به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سَڳو نه ڳرندس.” (پھاڪن جي پاڙ- ص نمبر 69) سندس اھي لفظ حقيقت تي ٻَڌل ھئا ۽ سندس ديانتداريءَ جي شاهدي ڏيندا ھئا.

لاڏاڻو سنواريو

سنڌ جو ھيءُ عجيب ۽ غريب عوامي ڪردار، 52 ورھين جي ڄمار ۾، مغز جي ڪمزوري سبب 1598ع ۾ گذاري ويو.

حوالا سنواريو