ڇيڄ جو ناچ
ڇيڄ جو ناچ
دريا پنٿي هندو سانوڻيءَ جي موسم ۾ دريا شاهه تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ نواڙ جي منجي جنڊيءَ لٿل، ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالهه رکي، اٽي مان ٺهيل ڏيئا سچي گيهه ۾ ٻاري ٿالهه ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ مصري پتاشا ۽ مٺايون وغيره رکي اگربتيون ٻاريندا هئا. ان سڄي ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو وڄت، جيڪا تکي ڪلواڙي سان ملندڙ هئي ۽ ٻيا ساز وڄائيندا هئا ۽ دريا پنٿي گهنگهرن سان جنڊي چڙهيل ڏونڪا هٿن ۾ کڻي پِڙُ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪي جهانجهه وڄائيندا هئا. ناچو، ڏانڊيا ڏانڊين تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ دهلاري ٽڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا هئا: لال جا جهاٽي، چئو جهولي لعل ٻيا بيٺل چوندا هئا جهولي لعل! [1]
حوالا
سنواريو- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي