ڇير:

پير جي ھڪ زيور جو نالو. ٽي آڱر کن ويڪري ٿيندي آهي. جوڙي تي به ٿئي، ۽ تڏي جيان به ٿئي. هي گل تي به ٿيندي آهي، جنهن جي هيٺئين حصي ۾ گهنگهرو ٿين. اڳئين زماني ۾ جيستائين ڪنوار ڇير نه پائي، تيستائين اها مڪمل ڪنوار نه ليکبي هئي.[1]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}