ڇليدار ٻيٽ(انگريزي: Atoll ) يا (انگريزي: Coral Atoll ), (فارسي: ابسنگ حلقوي )،(عربي: شعب حلقوي )، (اردو: جزيره مرجاني ) ڇلي وانگر گولائي ۾ پھاڙي ھوندي آھي جيڪا سامونڊي ڍنڍ جي چوڌاري مڪمل يا جزوي طرح ڇلي وانگر واقع ھوندي آھي[1]. اصل ۾ ڇليدار ٻيٽ سامونڊي ٻرندڙ جبل ھئا جيڪي سمنڊ جي تري جي ھيٺان واقع ھيا ۽ سمنڊ جي سطح تي انھن جي چوٽين جي ڪنارن کان ٽڪريون مٿي اڀري آيون. ڪروڙين سالن گذرڻ بعد اھي ٻرندڙ جبل ٻرڻ بند ٿي ٺري ويا جنھن بعد سمنڊ ٻاھران انھن جي چوٽين ٻيٽن ۽ ڇليدار ٻيٽن جي شڪل اختيار ڪئي. ڇلي جي وچ ۾ سمنڊ جي پاڻي اچڻ سان سامونڊي ڍنڍون (lagoons) ٺھي ويون. ڪنھن دور م جبل جي ٻري ڦاٽڻ وقت انھن ما لاوو نڪرندو ھيو [2]. انگريزي ۾ انھن ٻيٽن کي اٽال يا ڪورل اٽال سڏيندا آهن. اٽال ھڪ انڊو آرين ٻولي: ڌويھي ٻولي جي لفظ اٺولھو مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيَ آهي ھٿ جي تري. ھن قسم جي ٻيٽن کي سامونڊي ڍنڍن وارا ٻيٽ (lagoon Islands) پڻ سڏيندا آهن.

پئسفڪ سمنڊ ۾ ٽوڪيلائو ۾ اطافو نالي ڇليدار ٻيٽ
پينريھين اٽال
ناسا جي مصنوئي سيارچي جي تصوير ۾ مالديپ جا 26 ڇليدار ٻيٽ ۽ 1322 ٻيٽ
نڪورئو خلا مان (ناسا طرفان جاري ٿيل تصوير)
وينزويلا ۾ لاس روقيز واري ٻيٽن جي جھرمٽ جو خلا مان منظر جيڪا لاطيني آمريڪا جو سڀ کان وڏو بحري نيشنل پارڪ آھي
مارشل آئلينڊز جي بڪني نالي ڇليدار ٻيٽ جو سامونڊي ڪنارو
مالديپ جي رئا نالي ڇليدار ٻيٽ جو منظر
مالديپ جو ڪئافو نالي ڇليدار ٻيٽ

دنيا ۾ لڳ ڀڳ 440 ڇليدار ٻيٽ واقع آھن جن مان اڪثر پئسفڪ سمنڊ ۾ واقع آھن[3].

حوالا سنواريو

  1. Migoń, Piotr, ed (2010). Geomorphological Landscapes of the World. Springer. p. 349. ISBN 978-90-481-3055-9. https://books.google.com/books?id=-TI55urJYyEC. Retrieved 12 February 2013. 
  2. Erickson, Jon (2003). Marine Geology: Exploring the New Frontiers of the Ocean. Facts on File, Inc.. pp. 126–128. ISBN 978-0-8160-4874-8. https://books.google.com/books?id=CYCiFksxZckC&lpg=PP1&pg=PA126#v=onepage&q&f=false. 
  3. Watts, T. (2019). "Science, Seamounts and Society". Geoscientist August 2019: 10–16.