چڻا:

نالا: ع. حمص، ف. نخود، هه. وغيره___ چني، بولچاڪ، فرسد ۽ ريلا.

طبسنواريو

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: دير هضم ۽ غليظ ريح کي، ميل: خشخاش ۽ جوارش، عيوض: چؤنرا، وزن: ٻه تولا. سڃاڻپ: ڀوري رنگ تي گول داڻن وارو هڪ اَن جو قسم آهي. خاصيت: هنن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، حل ڪري کارائڻ سان جگر ۽ ٻرهل جا سدا تحليل ٿيندا. دماغ، معدي ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿا. نڙيءَ جي جوش کي لاهي، آواز کي صاف ڪري، معدي جي ڪيڙن کي مارين ٿا سيني جي سور، سلهه، مقعد جي ڦٽ، رحم جي ڦٽ ۽ آلت جي ڦٽ ۾ مفيد آهن. چڻن کي رات جو پسائي رکجي صبح جو پاڻي ڇاڻي ان ۾ ڳڙ وجهي پي ڇڏجي ته مني گهاٽي ٿيندي ۽ قوت باهه وڌندي. پيشاب جاري ڪن ٿا، جلندر، مثاني جي ڦٽ ۽ پرميل کي فائدو ڪن ٿا..[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو