سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون رت پياڪ آرڪنڊز تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ چچڙ (سلجھائپ) ڏسو.

چچڙ (Tick) آرڊر، آئگزوڊيڊا جا رت پياڪ آراڪنڊز آهن. اها ديمڪ جي سپر آرڊر، پئراسيٽيفورمس جو حصو آهن. بالغ چچڙون لڳ ڀڳ 3 کان 5 ملي ميٽر ڊگھيون هونديون آهن، اها عمر، جنس، نسل ۽ پيئل رت تي منحصر هوندو آهي. چچڙون خارجي رت پياڪ (Parasite) آهن، جيڪي مماليا، پکين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ريپٽائلن ۽ جل ٿيلن جي رت کي کارائڻ سان رهن ٿا. چچڙن جي ابتدا جو وقت غير يقيني آهي، جيتوڻيڪ سڀ کان پراڻا ڄاتل چچڙن جا حجري آثار ڪيريٽيسيئس دور، لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ سال پراڻا آهن. چچڙ سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي، خاص طور تي گرم خشڪ موسم واري علائقن ۾ ورهايل آهن، جٿي اها چوپائي مال جو رت چُوسيندا يا پيئندا آھن.[1]

Tick
Ixodes ricinus, a hard tick
Ixodes ricinus, a hard tick