چُوڪو مشھور سائي ڀاڄي آهي. پالڪ سان گڏ پوکيندا آهن. انگريزي ٻج بہ ايندو آهي. هن جا پن ڪم ايندا آهن. هن ۾ هڪڙي قسم جي چڱي بوءِ ۽ وڻندڙ لذت ٿيندي آهي ۽ کٽو ٿيندو آهي. پوکڻ جو دستور بہ ساڳيو پالڪ وانگي آهي. هن جا بہ ٻہ چار قسم ٿيندا آهن. هن کي انگريزيءَ ۾ ريُوميڪس چون ٿا. هيءَ لوڻڪ جي ذات ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جنھن کي ساريل چون ٿا.[1]

چوڪو

نالا: ع. بقلته الحامص، ف. ترشه تره، ھ. وغيره___ چوگو، ساگ ترشي، بقل الخراساني ۽ سرمور.

اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: سرد مزاجن ۽ ٻنڌين کي، ميل: ماکي ۽ شربت ڏاڙهون جو، عيوض: زرشڪ، وزن: ٻہ تولا.

سڃاڻپ: هي ڀاڄيءَ جو قسم آهي، هن جا پن ۽ ٽاريون ذائقي ۾ کٽا هوندا آهن.

خاصيت: هن کي رڌي کائجي تہ جگر جي گرمي ۽ گهڻي اُڃ کي گهٽ ڪري ٿو، صفراوي تپن ۽ دستن کي بند ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. کاڌي کي هضم ڪري ٿو ۽ بک وڌائي ٿو.

هن جو ٻج سنھو ڪاري رنگ تي ٿيندو آهي، اهو ٻج اُلٽين، دستن، سوري، پيچش، مروڙن، رت جي دستن، صفرا جي خلط، يرقان ۽ رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهن..[2]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
  2. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.