چوٽي ڦل مٿي جي زيور جو هڪ قسم. مروج ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر رڳو نالي جو فرق آهي. هي چانديءَ جو ٺهيل، گول نموني ۾ ٿيندو آهي، جنهن تي چٽساليءَ جو ڪم ڪيل هوندو آهي، ۽ رنگن جا خوبصورت نقش نڪتل هوندا آهن. جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي، هي چوٽيءَ جي آخر ۾ لڳايو ويندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. رسالو: سرتيون؛ مضمون: سنڌي زيور؛ از: زيڊ.اي. شيخ؛ جون 1995ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.